اسلام آباد – 09 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پ??ڪس??ان جو آئين پنهنجي شهرين کي ذات، رنگ، يا نسل سان قطع نظر آزادي جي ضمانت ڏي ٿو، حڪومت پ??ڪس??ان انساني ??قن جي تحفظ ۽ فروغ لاءِ پرعزم آهي ?? رياست جي هر شهري جي آزادي، وقار ۽ عزت نفس جي تحفظ لاءِ ڪوششون جاري رکندي، اسان کي عورتن جي ??قن کي يقيني بڻائڻ کانسواءِ خصوصي ماڻهن کي سهولت فراهم ڪرڻ لاءِ وڌيڪ ڪوششون ڪرڻ جي ضرورت آهي. انساني ??قن جي عالمي ڏينهن 10 ڊسمبر 2021ع جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ صدر چيو ته انساني ??قن جو عالمي ڏينهن ملهائڻ هر سطح تي انساني ??قن جي فروغ لاءِ اسان جي پختي عم جي نشاندهي ڪري ٿو، نساني وقار کي برقرار رکڻ، انساني ??قن جو تحفظ ۽ انساني آزادي ۽ برابري کي يقيني بڻائڻ اسان جي مذهب ۽ آئين جا ڪجهه بنيادي اصول آهن.
هن چيو ته هن سال جي انساني ??قن جي ڏينهن جو ٿيم ”برابري“ ۽ يو ڊي ايڇ آر جي آرٽيڪل 1 – ”سمورا انسان آزاد پيدا ٿيا آهن ۽ وقار ۽ ??قن ۾ برابر آهن“ بابت آهي، هن چيو ته برابري ۽ عدم امتياز جا اصول انساني ??قن جي سڃاڻپ آهن. برابري، جامعيت ۽ عدم امتياز تي ٻڌل موقف اڻبرابري کي گهٽ ڪندو آهي ۽ معاشري ۾ سماجي ۽ اقتصادي ترقي کي حاصل ڪرڻ ۾ مدد ڪندو آهي. صدر چيو ته پ??ڪس??ان جو آئين پنهنجي شهرين کي ذات رنگ يا نسل کان قطع نظر آزادي جي ضمانت ڏي ٿو. حڪومت پ??ڪس??ان انساني ??قن جي تحفظ ۽ فروغ لاءِ پرعزم آهي ?? رياست جي هر شهري جي آزادي، وقار ۽ عزت نفس جي تحفظ جي لاءِ ڪوششون جاري رکندي. هن چيو ته معاشري جي ڪمزور ۽ پوئتي پيل طبقن جي تحفظ تي وڌيڪ ڌيان ڏيڻ جي ضرورت جو ادراڪ ڪندي حڪومت انساني ??قن جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ لاءِ موثر قانوني، معاشي ۽ سماجي ڍانچو قائم ڪرڻ جيل اءِ هر ممڪن ??وشش ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي. صدر چيو ته اها ڳالهه حوصلي واري آهي ته حڪومت نوجوانن، عورتن ۽ معذور ماڻهن کي بااختيار بڻائڻ جي لاءِ مختلف قدم کنيا آهن، اسان کي عورتن جي وراثت جي ??قن کي يقيني بڻائڻ کانسواءِ خصوصي ماڻهن کي سهولت فراهم ڪرڻ لاءِ وڌيڪ ڪوششون ڪرڻ جي ضرورت آهي. صدر عارف علوي چيو ته آئون اڄ ان موقعي تي غير قانوني طور تي ڀارتي والاريل ڪشمير جي ماڻهن جي آزادي جي جدوجهد جي حمايت لاءِ پ??ڪس??ان جي عزم جو ورجاءُ ڪريان ٿو، اسان مسلسل فوجي لاڪ ڊائون، ڪرفيو ۽ ڀارتي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ 80 لک کان وڌيڪ ڪشميرين جي بنيادي انساني ??قن کي دٻائڻ تي پنهنجي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪريون ٿا، صدر چيو ته ان ڏينهن آئون عالمي برادري کان مطالبو ڪريان ٿو ته هو اڳتي اچي ۽ غيرقانوني طور تي ڀارتي والاريل ڪشمير جي ماڻهن جي انساني ??قن جي تحفظ ۽ گڏيل قومن جي چارٽر ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ان جي خودمختياري واري حق لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري، هن چيو ته آئون گڏيل قومن جي ادارن، غير سرڪاري تنظيمن ۽ ميڊيا کي به ساراهيان ٿو ته هو اسان جي ماڻهن لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪرڻ لاءِ حڪو??ت جي ڪوششن کي اڳتي وڌائي رهيا آهن.