اسلام آباد – 22 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پا??ستان ۽ ناروي جي وچ ۾ سياسي، اقتصادي ۽ ٻين گڏيل مفادن جي شعبن ۾ لاڳاپا وڌائڻ جا امڪ??ن موجود آهن. وزيراعظم عمران خان سان ناروي جي سفير پرالبرٽ الساس ملاقات ڪئي. ??ن موقعي تي وزيراعظم چيو ته پا??ستان ۽ ناروي جي وچ ۾ بهترين لاڳاپا آهن، پا??ستاني ڄاوا ناروي جا رهواسي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ هڪ مضبوط پل جي حثيت رکن ٿا. وزيراعظم چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سياسي، اقتصادي ۽ ٻين گڏيل مفادن جي شعبن ۾ لاڳاپا وڌائڻ جا امڪ??ن موجود آهن. ناروي جي موبائيل فون ڪمپني ٽيلي نار جو حوالو ڏيندي وزيراعظم چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي لاڳاپا وڌي رهيا آهن، ناروي جي سفير وزيراعظم عمران خان کي ناروي جي عوام پار??ن مبارڪباد پيش ڪئي، هن وزيراعظم کي اسلامي تعاون تنظيم ڪائونسل جي پرڏيهي وزيرن جي غير معمولي اجلاس جي ڪاميابي سان انعقاد تي ته مبارڪباد ڏني، وزيراعظم ناروي جي وزيراعظم کي جلد پا??ستان جي دوري جي دعوت ڏني.