اسلام آب??د – 24 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته اڄ سنڌ جو آب??دگار، هاري، مزدور سنڌ جي ڪرپٽ حڪمرانن ج?? خلاف فيصلو ڏئي ڇڏيو آهي، حقيقت ۾ اڄ جو آب??دگار ٽريڪٽر ٽرالي احتجاج سنڌ حڪومت جي خلاف هو. فرخ حبيب بلاول زرداري جي خطاب تي رد عمل جو اظهار ڪندي چيو ته اڄ سنڌ جو آب??دگار، هاري ۽ مزدور بکيو سمهي رهيو آهي ته ان ج?? ذميدار به پيپلزپارٽي ئي آهي. مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته پيپلزپارٽي 13 سالن کان سنڌ تي حڪومت ڪري رهي آهي پر آب??دگارن ج?? لاءِ ڪو به عملي قدم نه کنيو ويو. هن چيو ته سنڌ جا غريب آب??دگار ۽ هاري بلاول کان پڇي رهيا آهن ته ڪينال کان سڌو سنئون 500 کان وڌيڪ ڪنيڪشن ڇو ڏنا ويا آهن، مملڪتي وزير چيو ته بدقسمتي سان اڄ به سنڌ ۾ آب??دگارن ۽ ننڍن زميندارن کي پاڻي نٿو ملي، پرچي چيئرمين ٻڌ??ئي ته سکر ۽ ڪوٽڙي سميت سنڌ ۾ پاڻي چور ڪير آهن؟ مملڪتي وزير چيو ته سنڌ حڪومت جي نااهلي جي ڪري بدين ۽ ٺٽي ۾ سرسبز ٻنيون ٻارا بنجر بڻجي ويا آهن ۽ مقامي ماڻهو لڏپلاڻ ڪرڻ تي مجبور آهن، هن چيو ته سنڌ ۾ جاگيرداراڻو نظام، هڪ ظالماڻو نظام بڻجي چڪو آهي.