اسلام آباد – 16 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران ??ان ميئر پشاور جي چونڊن ۾ رد ڪيل 23113 ووٽن جو حوالو ڏيندي چيو آهي ته انهن چونڊن مان ??هو واضح ٿي ويو آهي ته تبديلي جا مخالف اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي مخالفت ڇو ٿا ڪن، چونڊ نتيجن ??وج?? جي يو آءِ (ف) جو اميدوار 12087 ووٽن جي فرق سان پي ٽي آءِ جي اميدوار کان کٽي?? پر انهن چونڊن ۾ رد ٿيل ووٽن جو انگ 23113 آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته خيبرپختونخواهه ۾ بلدياتي چونڊن جي نتيجن هڪ ڀيرو ٻيهر ڊبل اسٽيمپنگ ۽ ٻين سببن جي ڪري رد ووٽن جي مسئلي جي اهميت کي اجاگر ڪيو آهي. هن چيو ته 2013ع جي چونڊن تي جوڊيشل ڪميشن جي رپورٽ ۾ پڻ اها ئي ڳالهه سامهون آئي هئي. وزيراعظم چيو ته تبديلي جا مخالف انهي لاءِ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي مخالفت ڪن ٿا ڇو ته اهي مخالف ووٽن کي رد ڪرائي چونڊن ۾ هيراڦيري ڪرڻ جي صلاحيت رکن ٿا. وزيراعظم ٽوئيٽ ۾ ميئر پشاور جي اليڪشن جا چونڊ نتيجا پڻ شيئر ڪيا آهن جنهن ??وج?? جي يو آءِ (ف) جي اميدوار انهن چونڊن ۾ 63610 جڏهن ته پي ٽي آءِ جي اميدوار 51523 ووٽ حاصل ڪيا، اهڙي طرح جي يو آءِ (ف) جو اميدوار 12087 ووٽن جي فرق سان کٽي?? پر انهن چونڊن ۾ رد ٿيل ووٽن جو انگ 23113 آهي.