اسلام آباد – 28 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ??يو آهي ته پاڪستان سمورن ملڪن سان لاڳاپا بهتر ڪرڻ جو خواهشمند آه?? ۽ ??صالحت جو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، امداد لاءِ ٻين جي جنگ ۾ ٽپي ملڪ تمام گهڻو نقصان ??نيو، هاڻي اسان دنيا سان سڌي ڳالهه ڪندا آهيون ۽ اهڙو واعدو نٿا ڪريون جيڪو پورو نه ڪري سگهون، ملڪ ۾ جمهوريت مستحڪم ٿي رهي آهي، ادارا هڪ ٻئي جي عزت ڪندا آهن، ادارن ۾ مثالي هم آهنگي ڏٺي وڃي ٿي، ملڪ ۾ عدم استحڪام جي خواهش رکندڙن کي مايوسي ٿي، پاڪستان مشڪل وقت مان نڪري اڳتي وڌي رهيو آهي ?? ڪا به طاقت ان ??ي اڳتي وڌڻ کان روڪي نٿي سگهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ٻن ڏي??هن واري آفريقي ملڪن لاءِ پاڪستان جي سفيرن جي ڪانفرنس جي پڄاڻي واري ويهڪ کي خطاب ڪري رهيو هو.