مظفرآباد – 05 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان تحريڪ انصاف آزاد ڪشمير جي صدر بئريسٽر سلطان محمود چوڌري جي قيادت ۾ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي پارلياماني پارٽين جي اڳواڻن جي وفد ??لا??ات ڪئي، ??لا??ات ڪندڙن ۾ مسلم ڪانفرنس جو سپريم هيڊ سردار عتيق احمد خان، مسلم ڪانفرنس جو صدر مرزا شفيق احمد جرال، جما??ت اسلامي جو پارلياماني ليڊر عبدالرشيد ترابي، جما??ت اسلامي جو امير ڊاڪٽر خالد محمود، پيپلزپارٽي ڄمون ڪشمير جو صدر سردار حسن ابراهيم، مخالف ڌر اڳواڻ چوڌري محمد ياسين ۽ پيپلزپارٽي آزاد ڪشمير جو صدر چوڌري لطيف اڪبر شامل هئا. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي، ڪشمير ??عا??لن وارو وفاقي وزير علي امين گنڊاپور، ڪشمير ڪميٽي جو چيئرمين سيد فخر امام، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جو وزيراعظم راجا فاروق حيدر ۽ قانونساز اسيمبلي جو اسپيڪر شاهه غلام قادر پڻ ??لا??ات ۾ موجود هئا.