اسلام آباد – 16 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته عوام ڊڄڻ بدران رضاڪاراڻي طور تي احتياطي تدبيرون اخت??ار ڪري، ڪرونا وائرس ??ي پکيڙ کي روڪي سگهجي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪرونا وائرس ??ابت نيشنل ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته حڪومت کي مسئلي جي سنگيني جو احساس آهي ۽ ان حوالي ??ان هر ممڪن قدم کنيا ويندا.