اسلام آباد – 21 مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علو?? چيو آهي ته حڪومت ۽ عوام کي گڏجي ڪرو??ا جو م??اب??و ڪرڻو آهي، قومون مشڪلاتن ۽ مصيبتن جو بهادري سان م??اب??و ڪرڻ سان ئي وڏي قوم بڻجن ٿيون، پاڪستاني قوم مڙهيل جنگين، ٻوڏ ۽ دهشتگردي جو بهادري ۽ يڪجهتي سان م??اب??و ڪيو آهي، مون کي پورو يقين آهي ته پاڪستاني قوم ايمان، ??تح??د ۽ نظم ۽ ضبط سان يڪجهتي سان ڪرو??ا جي وبا جو م??اب??و ڪندي ۽ ان کي شڪست ڏيندي، پاڪستاني بهادر قوم آهي ۽ هي قوم تمام گهڻو ڪجهه ڪري سگهي ٿي. سماجي رابطن جي ويب سائيٽ فيس بُڪ تي عوام سان سڌوسنئون رابطي دوران شهرين جي سوالن جا جواب ڏيندي صدر چيو ته ڪرونا وائرس سان متاثر ملڪن کان جيڪي تجربا سکيا ويا آهن، انهن موجب ميل ميلاپ ۽ غيرضروري چرپر کي محدود ڪيو وڃي ته ان وبا کي موثر طريقي سان منهن ڏئي سگهجي ٿو.