سيالڪوٽ – 19 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص م??دگار ڊاڪٽر فردوس عاسق اعواڻ سيالڪوٽ ۾ صحافين سان ڳالهائيندي چيو آهي ته وزيراعظم ڪورونا ۽ معاشي مشڪلاتن کي هڪ ئي وقت منهن ڏئي رهيو آ??ي، وزيراعظم سمجهي ٿو ته جيڪڏهن معيشت جو ڦيٿو هلندو ته مز??ور جو چلهو ٻرندو، هن چيو ته رمضان مهيني کان اڳ ننڍن دڪاند??رن جي لاءِ حڪومت پئڪيج جو اعلان ڪندي. خاص م??دگار جو چوڻ هو ته موجوده صورتحال مان ناجائز فائدو کڻندڙن جي خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي. ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو ته ملڪي ضرورتن ۽ عالمي صورتحال کي نظر ۾ رکندي وڏي مقدار ۾ ڪڻڪ خريد ڪنداسين، حڪومت ڪڻڪ خريداري جي لاٰ 280 ارب رپين جي رقم رکي آهي.