اسلام آباد – 16 جون (اي پي پي) قومي ??سي??بلي جي اسپيڪر اسد قيصر انب جي ايڪسپورٽرز کي درپيش مسئلن کي حل ڪرڻ جي حوالي سان گهرو وزارت جي غير ??سل?? بخش جواب تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي وزارت کي هدايت ڪئي ته 24 ڪلاڪن جي اندر اهو مسئلو حل ڪري کيس رپورٽ پيش ڪئي وڃي. قومي ??سي??بلي جي اسپيڪر جي صدارت ۾ اجلاس ٿيو جنهن ۾ وفاقي وزير سميت مخالف ڌر جا ميمبر به شريڪ ٿيا. اجلاس ۾ بارڊر تي انب ايڪسپورٽرز کي درپيش مسئلن کي حل ڪرڻ جي لاءِ اعليٰ عملدارن به شرڪت ڪئي. اسپيڪر چيو ته انب جي روانگي و??پا?? تي مسئلن کي حل ڪرڻ جي لاءِ گهرو وزارت جو جواب ??سل?? بخش نه آهي، اسپيڪر ان تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ هدايت ڪئي ته 24 ڪلاڪن ۾ مسئلن کي حل ڪري جواب ڏنو وڃي، اسپيڪر چيو ته انب جي روانگي و??پا?? لاءِ وقت سر فيصلو نه ڪيو ويو ته ملڪ جو نقصان ٿيندو، گذريل 6 سالن کان پاڪستان جو روانگي و??پا?? گهٽ ٿي رهيو آهي، ايڪسپورٽرز چيو ته حڪومت اسان سان تعاون ڪري، اسان کي انب ٻاهر موڪلڻ ۾ مشڪلاتون درپيش آهن، اسان پوري دنيا ۾ انب ايڪسپورٽ ڪري رهيا آهيون، پي آءِ اي جي ذريعي انب جي ايڪسپورٽ وڌائڻ جي لاءِ اگهن ۾ رعايت ڏيڻ جي ضرورت آهي.