اسلام آباد – 17 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي ڪيسن ۾ مسلسل گهٽتائي اچي رهي آهي، عيدالاضحيٰ جي موقعي تي عوام کي ڪورونا کان بچاءُ جي لاءِ ضابطه ڪار تي سختي سا?? عمل ڪرڻ جي ضرورت آهي ايس او پيز تي عملدرآمد جاري رکيو وڃي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته عيدالاضحيٰ سادگي سان ملهائي و??ي، ائي?? نه ٿئي جو جهڙي طرح گذريل عيد ۾ ايس او پيز کي نظر انداز ڪيو وي?? ۽ اسان جا اسپتال ڪورونا مريضن سان ڀرجي ويا، هن حڪومت طرفان طئي ڪيل ايس او پيز تي سختي سا?? عملدرآمد ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته پاڪستان خوش قسمتي سان انهن ملڪن ۾ شامل آهي جتي ڪورونا جي مريضن جي موت جي شرح ۾ گهٽتائي آئي آهي، انتهائي نگهداشت ۽ وي??ٽي ليٽرز تي به مريضن جي تعداد ۾ گهٽتائي آئي آهي جڏهن ته بدقسمتي سان اسان جي پاڙيسري ملڪ ڀارت ۾ اها شرح تمام گهڻي آهي.