ملتان – 12 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي سماجي تحفظ واري خاص مددگار ڊاڪٽر ثانيه نشتر چيو آهي ته عوام جو تحفظ ۽ غربت جو خاتمو موجوده حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل آهي ۽ اربين روپين جي ماليت جو ??حس??س ايمرجنسي ڪيش پروگرام مستحق ماڻهن کي مالي امداد فراهم ڪرڻ جي لاءِ شروع ڪيو ويو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن علي ڳڙهه اسڪول ملتان ۾ قائم ??حس??س ايمرجنسي ڪيش پوائنٽ جي دوري جي موقعي تي ڪيو، ثانيه نشتر ٻڌايو ته ??حس??س ايمرجنسي ڪيش پروگرام جو پهريون مرحلو 15 سيپٽمبر تي مڪمل ٿي ويندو، هن چيو ته اهي ماڻهو جيڪي ان پروگرام ۾ رجسٽرڊ ٿيڻ جي باجود بائيوميٽرڪ تصديق نه ٿيڻ سبب امداد جي رقم وصول نه ڪري سگهيا انهن کي لاڳاپيل بئنڪ برانچن کان 30 سيپٽمبر تائين رابطو ڪرڻ گهرجي ته جئين اهي پنهنجي رقم حاصل ڪري سگهن، هن ٻڌايو ته جيڪڏهن ڪو رج??ٽر??شن ڪرائڻ ک??نپوءِ لاڏاڻو ڪري چڪو آهي ته ان جي وارثن کي ان جي فوتگي جو سرٽيفڪيٽ لاڳاپيل يونين ڪائونسل مان حاصل ڪري نادرا وٽ رجسٽر ڪرائڻ گهرجي ۽ پوءِ اها رج??ٽر??شن ??حس??س پروگرام جي آفيس کي 30 سيپٽمبر تائين موڪلي وڃي.