آستانه – 4 جولاءِ (اي پي پي ) ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان ۽ سندس روس جي هم منصب ولاديمير پيوٽن قازقستان جي گادي واري شهر آستانه ۾ ملاقات ڪئي. يوڪرين ۽ غزه جنگ ۽ شام جي تڪ??ار جي خاتمي ۽ دهشتگردي کي منهن ڏيڻ جي طريقن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. العربيه اردو مطابق ترڪيه جي ايوان صدر ٻڌايو ته ترڪيه جي صدر گذريل ڏينهن پنهنجي روس جي هم منصب کي آگاهه ڪيو ته سندس ملڪ روس ۽ يوڪرين وچ ۾ جنگ جي خاتمي جو رستو هموار ڪري سگهي ٿو . ٻنهي ڌرين لاءِ امن ممڪن آهي. ترڪيه جي صدر پنهنجي روس جي هم منصب کي شام تڪ??ار جي حل ۾ ترڪيه جي سهڪار تي راضي ٿيڻ کان پڻ آگاهه ڪيو. ملاقات دوران ٻنهي ملڪن جي صدرن ترڪيه ۽ روس وچ ۾ ٻه طرفي سهڪار ۽ يوڪرين – روس جنگ جي موجوده صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي . شام ۾ ڇڪتاڻ گهٽ ڪ??ڻ ۽ دهشت گردي کي منهن ڏيڻ لاءِ پڻ ڳالهيون ڪيون . ترڪيه جي صدر چيو ته سندس ملڪ خطي ۽ دنيا ۾ امن لاءِ ??وش??ون جاري رکندو . روس جي حڪومت گذريل ڏينهن اعلان ڪيو ته روس جو صدر علائقائي سربراهي اجلاس ۾ شرڪت ?? شريڪ اڳواڻن ??ان ملاقات لاءِ قزاخستان جي گادي واري شهر آستانه پهتو . هن شنگهائي سهڪار تنظيم جي مملڪتي سربراهن جي ڪائونسل جي 24هين اجلاس ۾ شرڪت ڪئي ۽ شرڪت ڪندڙن سان ملاقات ڪئي.