دوحه-05 مارچ (اي پي پي)وزيراعظم محمد شهباز شر??ف ۽ قطر جي امير شيخ تميم بن حمد آل ثاني ٻطرفي گڏيل مفادن جي وسيع معاملن ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ معاشي، سيڙپڪاري سميت ٻين شعبن ۾ اڳ کان موجود رابطن ۽ بهترين تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ جي ط??يقن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي، ملاقات دوران قطر سان ٻطرفي تعاون کي مضبوط بڻائڻ ۽ ٻطرفي سيڙپڪاري واپاري ۽ پاڪستان مان هنرمند ماڻهن کي قطر گهرائڻ جي ط??يقن ۽ ذريعا وڌائڻ تي ڳالهه ٻولهه ٿي، وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف دوحه پهچڻ کانپوءِ قطر جي امير شيخ تميم بن حمد آل ثاني س??ن ملاقات ڪئي. وزيراعظم شهباز شريف گڏيل قومن جي انتظام هيٺ گهٽ ترقي ڪندڙ ملڪن جي ڪانفرنس جي پنجين اجلاس ۾ شرڪت لاءِ قطر پهتو آهي. قطر جي امير جي دعوت تي وزيراعظم هن ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪري رهيو آهي. وزيراعظم محمد شهباز شر??ف ۽ شيخ تميم بن حمد آل ثاني ٻطرفي گڏيل مفادن جي وسيع تر معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ پاڪستان ۽ قطر وچ ۾ معاشي ۽ سيڙپڪاري سميت ٻين شعبن ۾ پهرين کان موجود بهترين تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ جي ط??يقن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي، قطر جي امير جي ترقي ۾ پاڪستاني پورهيتن جي ڪوششن کي س??راهيو خاص طور تي قطر جي ميزباني ۾ فيفا و??لڊ ڪپ 2022ع جي ڪاميابي موقعي تي پاڪستاني سيڪيورٽي عملدارن جي شاندار ڪارڪردگي کي س??راهيو. ملاقات ۾ وزيراعظم شهباز شريف پاڪستان جي ترقي جي منصوبن ۾ قطر جي مسلسل حمايت کي س??راهيندي ٻنهي ملڪن وچ ۾ تعاون وڌائڻ جي وسيع موقعن کي اجاگر ڪيو. ملاقات دوران قطر سان ٻطرفي تعاون کي مضبوط بڻائڻ ۽ ٻطرفي سيڙپڪاري، واپاري ۽ پاڪستان کان هنرمند ماڻهن جي قطر موڪلڻ جي ط??يقن ۽ ذريعن کي وڌائڻ تي ڳالهيون ٿيون، قطر جي امير وزيراعظم محمد شهباز شريف کي قطر اچڻ تي ڀليڪار چيو، هن پاڪستان ۽ قطر وچ ۾ معاشي تعاون وڌائڻ ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو. هن پاڪستان جي ترقي جي ايجنڊا ۾ قطر طرفان ڀرپور تعاون جي پختي عزم ۽ حمايت جاري رکڻ جي عزم کي ورجايو. وزيراعظم قطر جي امير کي پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏني جنهن کي هن قبول ڪري ورتو.