اسلام آباد – 31 8211; ڊسمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته خيبرپختونخوا صوبي ۾ سي پيڪ ??حت جاري منصوبن تي ڪم کي تيز ڪرڻ جي لاءِ ڪا به ڪسر نه ڇڏي وڃي، چشمه رائيٽ بئنڪ ڪينال منصوبي جي تڪميل لاءِ سمورن وسيلن کي استعمال ۾ آندو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پارليامينٽ هائوس ۾ اسٽيئرنگ ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ دفاع وارو وفاقي وزير پرويز خٽڪ ۽ خاص مددگار ارباب ش??زاد سميت لاڳاپيل وزارتن جي اعليٰ عملدارن به شرڪت ڪئي.