اسلام آباد – 21 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ترجيحي شعبن جي هفتيوار جائز?? جي سلسلي ۾ زراعت جي شعب?? جي حوالي سان اهم اجلاس جي صدارت ڪئي. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن، مخدوم خسرو بختيار، سيد فخر امام، صلاحڪار عبدالرزاق دائود، خاص مددگار ڊاڪٽر معيد يوسف ۽ لاڳاپيل اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي، ان کانسواءِ چئني صوبن جي چيف سيڪر??ٽر??ن وڊيو لنڪ جي ذريعي شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ وزيراعظم کي پائيدار ترقي واري پاليسي انسٽيٽيوٽ جي تعاون سان ٺاهيل فوڊ سيڪيورٽي ڊيش ب??رڊ تي اڳڀرائي تي بريفنگ ڏني وئي ۽ ٻڌايو و??و ته ڊيش ب??رڊ کي فني طور تي مڪمل ڪري فوڊ سيڪيورٽي واري وزارت جي حوالي ڪيو و??و آهي، ان کانسواءِ وزيراعظم کي ٻڌايو و??و ته ڊيش ب??ر?? جي مدد سان فيصلا سازي لاءِ گهربل ڊيٽا کي حاصل ڪرڻ کي صوبن جي مدد سان يقيني بڻايو پيو وڃي، ان جي لاءِ صوبن جي لاڳاپيل کاتن جي صلاحيت وڌائي پئي وڃي، اهو به ٻڌايو و??و ته ڊيٽا حاصل ڪرڻ نجي ۽ سرڪاري ذريعن کان يقيني بڻائڻ سان گڏوگڏ ڊيش ب??رڊ ۾ کنڊ ۽ ڪڻڪ کانسواءِ گهٽ مدي واري جنسن جهڙوڪ ڀاڄين جي کپت ۽ دستياب?? جي نگراني به ڪئي ويندي.