اسلام آباد – 16 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته هو پاڪستان ب??ريه جي بهترين تربيت، فرض سان لڳاءُ ۽ قرباني جي جذبي کان تمام گهڻو متاثر ٿيو آهي. ٽوئيٽر بيان ۾ صدر چيو ته ستين گهڻ ملڪي ميري ٽائيم مشق امن 2021ع بحر هند ۾ امن قائم ڪرڻ جي حوالي سان پاڪستان جي عزم جي عڪاس آهي. هن چيو ته امن 2021ع مشقون سامونڊي واپار ۽ سمنڊ ۾ معد??ي وسيلن جي ڳولا بابت ڪوششن جون به عڪاس آهن. ستين گهڻ ملڪي ميري ٽائيم مشق امن ڇهن ڏينهن تائين جاري رهڻ کانپوءِ پڄاڻي تي پهتي جنهن ۾ صدر خاص مهمان جي حيثيت سان شرڪت ڪئي. مشقن ۾ اٽڪل 45 ملڪن حصو ورتو. پاڪ بحريه جي ترجم??ن موجب بحيره عرب ۾ موجود پاڪ بحريه جي جهاز جي اچڻ تي اميرالبحر صدر جو استقبال ڪ??و. ??ن موقعي تي صدر کي امن مشقن جي حوالي سان ب??يفنگ ڏ??ي وئي. مشقن ۾ شريڪ ملڪن جي سامونڊي ۽ هوائي جهازن صدر کي سلامي پڻ پيش ڪئي.