اسلام آباد – پهرين ج??ن (اي پي پي) اقتصادي تعاون تنظيم (اي سي او) جي پارلياماني اسيمبلي جي ايگزيڪيوٽو ڪائونسل اسلام آباد پڌرنامي جي ڊرافٽ جي متقفه ??ور تي منظوري ڏئي ڇڏي. جنهن ۾ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي فوج پاران انساني حقن ج?? سنگين خلاف ورزين تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪندي ڀرپور مذمت ڪئي وئي. پڌرنامي ۾ فلسطين ج?? مظلوم عوام سان يڪجهتي جو اظهار پڻ ڪيو ويو آهي. اهو پڌرنامو ڪانفرنس جي پڄاڻي تي جاري ڪيو ويندو. افغانستان ۽ ترڪيءَ جي تجويز تي قومي اسيمبلي جي اسپ??ڪر اسد قيصر کي ٻي PAECO جنرل ڪائونسل جو متفقه ??ور تي صدر چونڊيو ويو.