اسلام آباد-18 جون (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي جمعي ڏينهن ترڪي ۾ فلسطين جي پرڏيهي وزير ڊاڪٽر رياض المالڪي سان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ٻه طرفن ناتن، خطي جي صورتحال سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي غور ويچار ڪيو ويو. فلسطين جي پرڏيهي وزير فلسطين ۾ امن امان ??ي صورتحال جي حوالي سان ??اهه محمود قريشي کي آگاهه ڪيو. شاهه محمود قريشي چيو ??ه فلسطين جو مسئلو وچ اوڀر ۾ بيچينيءَ جو بنيادي سبب آهي، پاڪستان 1967ع کان ??ڳ جي سرحدي صورتحال ۽ گڏيل قومن جي ٺهرائن جي روشنيءَ ۾ فلسطين مسئلي جي ٻه رياستي حل جو حامي آه??. پ??ڪستان، فلسطيني عوام جي حق خوداراديت جي جدوجهد جي حمايت ڪري ٿو. پرڏيهي وزير فلسطين جي هم منصب کي فلسطين جي پُرامن مسئلي جي حل لاءِ پاڪستان ??رفان ڪيل سفارتي ??وش??ن کان ??گاهه ڪيو ۽ فلسطين جي مسئلي تي او آءِ سي ۽ عرب ليگ جي ??وش??ن جي واکاڻ ڪئ??. پ??ڏيهي وزير وزيراعظم عمران ??ان، پاڪستاني عوام طرفان فلسطيني قيادت ۽ عوام سان يڪجهتيءَ جو اظهار ڪيو. پرڏيهي وزير شرٽ جو تحفو فلسطيني پرڏيهي وزير کي پيش ڪيو ??نهن تي لکيل هو ”اي ارض فلسطين مين بهي حاضر هون“.