اسلام آباد – 20 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي قدرتي آفتن جي متاثرين جي موثر طريقي سان ??دد ۽ بيمارين جي روڪٿام لاءِ جامع نيٽ ورڪ تيار ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته شروعاتي طبي امداد جي وقت سر فراهمي 59 سيڪڙو زندگيون بچائڻ ۾ مدد ڏئي سگهي ٿي، اسڪولن ۽ ڪاليجن جي شاگردن کي ان حوالي سان ??ناسب تربيت فراهم ڪرڻ جي ضرورت آهي. هو انجمن هلال احمر پاڪستان جي مينيجنگ باڊي جي اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو. اجلاس ۾ ميجينگ باڊي جي ميمبرن سميت هلال احمر پاڪستان جو چيئرمين ابرار الحق، آصف باجوه، ڊاڪٽر ا??شاد محمد ۽ ڊاڪٽر مودات حس??ن رانا کانسواءِ لاڳاپيل سينئر عملدارن به شرڪت ڪئي. ان ??وقعي تي ابرار الحق اجلاس کي حادثن ۽ آفتن جي دوران انسانيت جي خدمت ۾ هلال احمر پاڪستان جي ڪردار جي باري ۾ بريفنگ ڏني. اجلاس ۾ قدرتي آفتن جي متاثرين کي فوري امداد جي فراهمي جي سلسلي ۾ تنظيم کي مضبوط بڻائڻ لاءِ مختلف تجويزون پيش ڪيون ويون. ان ??وقعي تي صدر ڊاڪٽر عارف علوي هلال احمر، نيشنل ڊزاسٽرمينيجمينٽ اٿارٽي، صحت جي شعبي ۽ ٻين سرڪاري ادارن جي وچ ۾ بهتر رابطا قائم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ته جيئن قدرتي آفتن جي صورت ۾ وقت سر ۽ موثر قدم کڻي سگهجن. هن هلال احمر تي زور ڏنو ته ??و ضرورتمندن لاءِ رت جي دستيابي يقيني بڻائڻ لاءِ عطيه مهم جي قيادت ڪري. صدر ملڪ ۾ نوجوانن جي ترقي لاءِ انجمن هلال احمر پاڪستان ۽ وزيراعظم جي ڪامياب جوان ??روگرام وچ ۾ تعاون جي ضرورت تي به زور ڏنو. ا