اسلام آباد – 16 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ??ه تاجڪستان ۽ ??اڪ??تان جا ويجها ڀائراڻا لاڳاپا آهن، وزيراعظم جڏهن ته ٻاهرين ملڪ دوري تي ويو هن ??اڪ??تان جي عوام جو وقار بلند ڪيو، تاجڪستان جو افغانستان جي حوالي سان ڪردار اهم آهي، اسان ان ڪردار جي اهميت کي تسليم ڪريون ٿا، وزيراعظم جو تاجڪستان جو دورو ٻن ح??ن تي ٻڌل هوندو. وزيراعظم پنهنجي دوري دوران شنگهائي تعاون تنظيم جي 20 هين اجلاس ۽ بزنس ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندو. وزيراعظم عمران خان جي تاجڪستان جي دوري جي حوالي سان ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو ته وزيراعظم اڄ اعليٰ سطحي وفد سان گڏ تاجڪستان جي گادي واري شهر دوشنبي روانو ٿي ويو آهي، وزيراعظم جو دورو ٻن ح??ن تي ٻڌل آهي، پهرين ح??ي ۾ وزيراعظم شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي 20 هين اجلاس ۾ شرڪت ڪندو، شنگهائي تعاون تنظيم جي اجلاس جي موقعي تي ٻين ملڪن جا سربراهه به موجود هوندا. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان جي روس جي صدر پيوٽن سان ملاقات طئي ٿي، صدر پيوٽن قرنطينه هجڻ سبب دوشنبي نه اچي رهيو آهي، صدر پيوٽن ۽ وزيراعظم عمران خان جي ٽيليفون تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، وزيراعظم عمران خان ۽ صدر پيوٽن جي وچ ۾ ملاقات جلد متوقع آهي، هن چيو ته وزيراعظم عمران خان کي تاجڪستان جي صدر امام علي رحمانوف تاجڪستان جي دوري جي دعوت ڏني هئي، تاجڪستان ۽ ??اڪ??تان جي وچ ۾ ڀائراڻا لاڳاپا آهن، وزيراعظم عمران خان تاجڪستان ۾ ٿيندڙ بزنس ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندو. بزنس ڪانفرنس ۾ ??اڪ??تان ۽ تاجڪستان جي وچ ۾ ڪاروباري رابطن کي وڌائڻ تي ڳالهه ٿيندي. افغانستان جي صورتحال ان ڪانفرنس جو اهم حصو رهندي، هن چيو ته تاجڪستان جو افغانستان جي حوالي سان ڪردار اهم آهي. اسان ان ڪردار جي اهميت کي تسليم ڪريون ٿا، تاجڪستان جي دوري دوران افغانستان ۾ مستحڪم ۽ جامع حڪومت جي باري ۾ اسان جي نظريي کي سگهه ملندي. هن چيو ته ويزن سينٽرل ايشيا ??اڪ??تان جي فارن پاليسي جو اهم حصو آهي. اهو دورو ان لاءِ سنگ ميل ثابت ٿيندو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم جڏهن ته ٻاهرين ملڪ جي دوري تي ويو هن ??اڪ??تان جي عوام جو وقار بلند ڪيو. تاجڪستان جو دورو به انهي ??لسلي جي هڪ ڪڙي هوندو.