گڏيل قومون – 20 سيپٽمبر (اي پي پي) گڏيل قومن جو ادارو ??فغانستان کي هڪ مضبوط ۽ محفوظ رياست ٺهندي ڏسڻ جو خواهشمند آهي. جنرل اسيمبلي جي 76 هين اجلاس کان پهرين گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش هڪ انٽرويو ۾ چيو ته اها ڳالهه صحيح آهي ته افغانستان جي صورتحال غير متوقع آهي پر اسان سڀ چاهيو?? ٿا ته افغانستان ۾ جامع حڪومت هجي ۽ افغانستان انساني حقن خاص ڪري عورتن جو احترام ڪري. هن چيو ته اسان سمورا چاهيو?? ٿا ته افغانستان هڪ محفوظ رياست بڻجي ۽ افغانستان ۾ منشيات جي اسمگلنگ جو مقابلو ڪري، پر اها اڳڪٿي ڪرڻ ڏکي آهي ته ??ا ٿيڻ وارو ??هي ڇو ته اڃان اهو واضح نه آهي ته ??ا ٿيڻ وارو ??هي. هن چيو ته آئون سمجهان ٿو ته گڏيل قومن جو فرض آهي ته افغانستان کي انساني امداد فراهم ڪئي وڃي. هن وقت طالبان سان مفاهمت ر??ند?? کين سمجهائي سگهجي ته ڇوڪرين کي هر سطح جي تعليم حاصل ڪرڻ جي قابل هجڻ گهرجي ۽ بين الاقوامي برادري سان سهڪار ڪرڻ گهرجي. اسان کي انساني امداد جي فراهمي لاءِ عالمي برادري کي متحرڪ ڪرڻ جي ضرورت آهي.