اسلام آباد – 14 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان صوبن ۽ آزاد ڪشمير جي حڪومت کي هدايت ڪئي آهي ته هو سرسبز ۽ زرعي زمين جي استعمال ۾ تبديلي کي روڪ?? جي لاءِ قانون سازي ۾ تيزي آڻي، ڪي??سٽرل ميپنگ قبضن جي خاتمي ۽ لينڊ روينيو ۾ اضافي جي لاءِ اهميت رکندڙ آهي، نئون پاڪستان هائوسنگ پروگرام تحت تعميراتي سرگرميون شروع ٿيڻ کان کانپوءِ هن وقت تائين روزگار جا اڍ??ئي لک موقعا پيدا ٿيا آهن.
وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ هائوسنگ، تعميرات ۽ ترقي بابت قومي رابطا ڪميٽي جو اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ موجوده ۽ نون منصوبن تي اڳڀر??ئي جو جائزو ورتو ويو. اجلاس کي سرويئر جنرل آف پاڪستان ميجر جنرل شاهد پرويز بريفنگ ڏني جنهن تي وزيراعظم پنهنجي ريمارڪس ۾ چيو ته ڪي??سٽرل ميپنگ هڪ مستند زميني رڪارڊ ڊيٽا بيس جي ترقي ۾ مددگار ٿابت ٿيندي، ان سان زمين جي حد بندي کي واضح طور تي سڃاڻڻ ۽ غي?? قانوني قبضن جي روڪٿام ۾ مدد ملندي جڏهن ته اها مستند ڊيٽابيس سان زمينن مان حاصل ٿيندڙ آمدني کي وڌائڻ ۾ به ڪردار ادا ڪندو. وزيراعظم چيو ته سرسبز علائقن کي شهري منصوبن م جتي تبديل ڪيو پيو وڃي اتي زمين جي استعمال جي حوالي سان انهن تبديلين کي ڏس?? جي ضرورت آهي، انهن سمورن صوب??ئي ۽ آزاد ڪشمير جي حڪومتن کي هدايت ڪئي ته هو زمين جي استعمال ۾ تبديلي کي روڪ?? جي لاءِ قانونسازي ۾ تيزي آڻين،
وزيراعظم چيو ته ماحولياتي ۽ غذ??ئي تحفظ جي لاءِ سرسبز علائقن ۽ زرعي زمينن جو تحفظ ضروري آهي تنهن هوندي به قاعدن ۽ ضابطن تحت تعيمراتي منصوبن جي اجازت هوندي، نيشنل ڪوآرڊينيشن ڪميٽي کي ٻڌايو ويو ته نقشه سازي جي پهرين مرحلي تحت پنجاب ۾ 90 سيڪڙو، خيبرپختونخوا ۾ 96 سيڪڙو ۽ بلوچستان ۾ 50 سيڪڙو ڊجيٽلائيزذيشن مڪمل ٿي چڪي آهي، سي ڊي اي چيئرمين اجلاس کي ٻڌايو ته ڪي??سٽرل ميپنگ جي مدد سان سي ڊي اي قبضو ڪندڙن تي ڏنڊ لڳائڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن ۽ ان مان حاصل ٿيندڙ رقم غي?? قانوني هائوسنگ سوسائيٽين جي دوکي جو نشانو بڻجندڙ ماڻهن کي معاوضي جي طور تي ادائيگي ۾ استعمال ٿي ??هي آهي. اجلاس ۾ اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، اطلاعات ۽ نشريات وارو مملڪتي وزير فرخ حبيب، وزيراعظم جو خاص مددگار ڊاڪٽر شهباز گل، ملڪ امين اسلم شرڪت ڪئي.
پنجاب مان ميان محمود الرشيد، قومي اسيمبلي ميمبر آفتاب صديقي، نئون پاڪستان هائوسنگ اٿارٽي جو چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) انور علي حيدر، ايف بي آر جو چيئرمين، سرويئر جنرل آف پاڪستان شرڪت ڪئي. اسٽيٽ بئنڪ جو گورنر رضا باقر، پنجاب، بلوچستان، سنڌ ۽ گلگت بلتستان ۽ آزاد چمون ۽ ڪشمير جا چيف سيڪريٽريز ۽ خيبرپختونخوا جو ايڊيشنل چيف سيڪريٽري وڊيول نڪ جي ذريعي اجلاس ۾ شريڪ ٿيا. ان کان اڳ وزيراعظم راوي اربن ڊولپمينٽ پراجيڪٽ ۽ سينٽرل بزنس ڊسٽرڪٽ لاهور تي اڳڀر??ئي جي جائزي اجلاس جي به صدارت ڪئي. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي انهن منصوبن ۾ تيزي آڻ?? جي هدايت ڪئي ڇو ته اهي منصوبا ملڪ ۾ سڌو سنئون غي?? ملڪي سيڙپڪاري کي پاڻ ڏانهن ڇڪڻ لاءِ انته??ئي اهم آهن.