اسلام آباد – 21 – آڪٽوبر (اي پي پي) ??زي??اعظم عمران خان چيو آهي ته خيبرپختونخوا ۾ زيت??ن جي پوک سان آبادگارن جي ترقي ۽ ملڪ کاڄرو تيل ۾ پاڻڀرو ٿيندو، خيبرپختونخوا ۾ سياحت جي فروغ لاءِ جاري ترقياتي منصوبن کي جلد مڪمل ڪيو وڃي. هن اها هدايت خيبرپختونخوا ۾ جاري ترقياتي منصوبن بابت اجلاس جي صدارت ڪندي ڪئي. اجلاس ۾ قومي اسيمبلي جو اسپيڪر اسد قيصر، دفاع وارو ??زي?? پرويز خٽڪ، ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن وارو وفاقي ??زي?? علي امين گنڊاپور، خيبرپختونخوا جو گورنر شاهه فرمان، خيبرپختونخوا جو وڏو ??زي?? محمود خان، انفارميشن ٽيڪنالاجي وارو صوبائي ??زي?? عاطف خان به موجود هئا. ??زي??اعظم چيو ته حڪومت ??ور??نهن سياحتي ماڳن تائين پهچ ۽ معاشي سرگرمين کي تيز ڪرڻ لاءِ صوبي ۾ انفرااسٽرڪچر جي منصوبن تي تيزي سان ڪم ڪري رهي آهي، ??زي??اعظم چيو ته خيبرپختونخوا ۾ سياحت جي فروغ لاءِ جاري ترقياتي منصوبن کي جلد مڪمل ڪيو وڃي، خيبرپختونخوا م زيت??ن جي پوک سان آبادگارن جي ترقي ۽ ملڪ کاڄرو تيل ۾ پاڻڀرو ٿيندو، اجلاس ۾ ??زي??اعظم کي خيبرپختونخوا ۾ جاري ترقياتي منصوبن تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. ان کانسواءِ صوبي جي سياسي صورتحال، ايندڙ بلدياتي چونڊن ۽ پارٽي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، ??زي??اعظم صوبي ۾ جاري ترقياتي منصوبن کي جلد مڪمل ڪرڻ جون هدايت??ن جاري ڪيون.