اسلام آباد – 09 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته افغان عوام کي انساني بحران ??ان بچائڻ هر هڪ جي اخلاقي ذميواري ??هي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم عمران خان برطانوي نشرياتي اداري ??ي افغان عوام کي درپيش غذائي کوٽ جي خطري ??ابت رپورٽ جو حوالو ڏيندي چيو ته مون افغانستان ۾ انساني بحران ??ان اڳ ئي خبردار ڪري ڇڏيو هو، هاڻي خوراڪ جي عالمي اداري ??ي سربراهه الرٽ جاري ڪيو آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان افغانستان کي هر ممڪن مدد فراهم ڪندو رهندو پر عالمي برادري کي به پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. برطانوي نشرياتي اداري پنهنجي رپورٽ ۾ خبردار ڪيو ته افغانستان ۾ خزان جي موسم ۽ سرديءَ جي موسم جي شروعات سان ڪيترن ئي علائقن سوڪهڙي جون خبرون اچي رهيون آهن ۽ افغان عوام کي سخت مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پئجي سگ??ي ٿو. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته افغانستان ۾ عوام کي خوراڪ جي سخت کوٽ درپيش آهي ۽ سرديءَ جي موسم ۾ سخت سرديءَ جي ڪري ??هو بحران خوفناڪ صو??ت اختيار ڪري ??گ??ي ٿو. رپورٽ موجب خوراڪ واري ??المي اداري ??ي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر جنهن گذريل ڏينهن ڪابل جو دورو ڪيو هو، ان به صو??تحال کي ڳڻتي جوڳو قرار ڏنو. سندس چوڻ هو ته زمين تي بدترين انساني الميو جنم وٺي سگ??ي ٿو، افغانستان ۾ 95 سيڪڙو عوام کي ناڪافي خوراڪ جا مسئلا درپيش آهن، 2 ڪروڙ 30 لک عوام بک طرف وڌي رهي آهي.