اسلام آباد – 17 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان ڪشميرين جي خودمختياري جي حق حاصل ڪرڻ تائين انهن جي حمايت جاري رکندو، گڏيل قومن جي قراردادن موجب ڪشمير مسئلي جو حل ئي خطي ۾ پائيدار امن جو ضامن آهي، موجوده حڪومت آزاد ??م??ن ۽ ڪشمير جي ترقي سان گڏوگڏ غيرقانوني ڀارتي والاريل ڄم??ن ۽ ڪشمير جي مسئلي جي حل لاءِ پڻ پرعزم آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن آزاد ??م??ن ۽ ڪشمير جي صدر بئريسٽر سلطان محمود چوڌري سان ملاقات ۾ ڳالهائيندي ڪيو. ملاقات ۾ آزاد ??م??ن ۽ ڪشمير جي ترقي، مجموعي صورتحال ۽ ڪشمير مسئلي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي صدر چيو ته حڪومت آزاد ??م??ن ۽ ڪشمير جي اقتصادي ترقي ۽ ڪشمير مسئلي جي حل لاءِ پرعزم آهي، آزاد ??م??ن ۽ ڪشمير ۾ سياحت جا تمام گهڻا موقعا موجود آهن، حڪومت ملڪ ۾ سياحت جي فروغ تي خاص ڌيان ڏئي رهي آهي. صدر چيو ته پاڪستان ڪشمير مسئلي کي هر فورم تي موثر انداز ۾ اجاگر ڪري رهيو آهي، پاڪستان 5 آگسٽ 2019ع جي ڀارت جي هڪطرفي ۽ غيرقانوني قدمن کي رد ڪيو آهي. هن چيو ته پاڪستان ڪشميرين جي خودمختياري جي حق حاصل ڪرڻ تائين ڪشميري عوام جي حمايت جاري رکندو، گڏيل قومن جي قرارداد موجب ڪشمير مسئلي جو حل ئي خطي ۾ امن جو ضامن آهي. هن چيو ته ڀارت ڪشميرين تي ظلمن جا پهاڙ ٽوڙي ڇڏيا آهن، ڀارت ۾ اقليتن خاص طور تي مسلمانن سان غيرانساني سلوڪ ڪيو پ??و وڃي جڏهن ته اتي مسلمانن جي ثقافتي ورثي کي پڻ مٽايو پ??و وڃي. صدر چيو ته مودي جي انتهاپسند ۽ مسلمان مخالف حڪومت کان پوري خطي کي خطرو آهي.