اسلام آباد – 27 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته اڄ سڀ کان وڏو چئلينج قائداعظم محمد علي جناح جي پاڪستان کي واپس آڻڻ آهي، قائداعظم ۽ علامه اقبال هڪ اهڙي رياست جو قيام چاهيندا هئا جتي اسلام کي مڃيندڙ ۽ اقليتون آزادي سان زندگي گذاري سگهن. وزيراعظم عمران خان انهي پاڪستان جي ڳالهه ڪندو آهي، جنهن جو خواب قائداعظم محمد علي جناح ڏٺو هو، اها ڳالهه هن قائداعظم محمد علي جناح جي ??والي سان تصويري نمائش جي ??فتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪئي، اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته قائداعظم محمد علي جناح جو پيغام واضح آهي، هندستان ۽ بنگلاديش جا ڪيترائي ليکڪ قائداعظم جي ??اري ۾ ڪنفوزن جو شڪار آهن، هن چيو ته جهڙي طرح جو پاڪستان قائداعظم چاهي رهيو هو هن پنهنجي ٽن وڏين تقريرن ۾ واضح ڪري ڇڏيو هو، قائداعظم ۽ علامه اقبال ماڊرن ?? ترقي پسند سوچ رکندڙ اڳواڻ هئا، ننڍي کنڊ جي مسلم قيادت ڄاڻي چڪي هئي ته مستقبل ۾ مسلمانن ۽ ٻين اقليتن سان ڪهڙو سلوڪ ٿيندو، هن چيو ته علامه اقبال گهڻو پهرين ڏسي ڇڏيو هو ته مسلمانن کي ڪهڙيون مشڪلاتون پيش اچي سگهن ٿيون، قائداعظم هندستان جي ??ياست ڏسي پاڪستان ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو، اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ۾ سيالڪوٽ واقعي تي پوري پاڪستاني قوم متحد ٿي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي، هندستان ۾ اهڙا واقعا روز جو معمول آهن، اڄ ڀارت ۾ مسيحي برادري ۽ مسلمانن سان جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي اهو دنياجي ??امهون آهي، نريندر مودي ۽ بي جي پي اقليتن جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي، هن چيو ته نريندر مودي جي ??ڪومت جي ??حت اڄ ڀارت زوال جو شڪار آهي، اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان جي قيام جو مقصد اقليتن جي ??قن کي تحفظ ڏيڻ هو، پاڪستان ان خطي جي ??وشن اميد آهي، قائداعظم پنهنجي پيغام ۾ واضح هيو، ان جي ??ن پيغام کي حاصل ڪرڻ ئي سڀ کان وڏي جنگ آهي، هن چيو ته قائداعظم محمد علي جناح جي ??نم ڏي??هن جي موقعي تي تصويري نمائش جو انعقاد خوش آئنده آهي، اسان کي قائداعظم جي پيغام کي عام ماڻهو تائين پهچائڻ جي ??حريڪ شروع ڪرڻي پوندي، وفاقي وزير قائداعظم جو جنم ڏي??هن شاندار طريقي سان ملهائڻ، اسلام آباد ۾ آتش بازي ۽ رنگ ونور جي محفل جي ??نعقاد تي سمورن منتظمين کي مبارڪباد پيش ڪئي.