اسلام آباد – 09 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪرپشن جي خلاف ج??اد ۾ پوري قوم شريڪ آهي، ماضي ۾ اهو پسئو جيڪو عوام جي ڀلائي تي خرچ ٿيڻو هو، مني لانڊرن?? جي ذريعي ٻاهر کڻي وڃي محلاتون ٺاهيون ويون، ڪڪ بيڪس ۽ ڪميشن جي لاءِ اهڙا منصوبا شروع ڪيا ويا جنهن ??ي ضرورت ئي نه هئي، ڪرپٽ قومون ڪڏهن ??ه ترقي نٿيون ڪري سگهن، ڪرپشن سان ملڪي ترقي ۽ معيشت متاثر ٿيندي آهي ۽ عوام جي زندگي جون ضرورتون مهانگيون ٿي وينديون آهن، ڪرپٽ معاشرن ۾ سيڙپڪاري ناهي ايندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ??دعنواني جي خاتمي جي عالمي ڏينهن ??ي موقعي تي پنجاب حڪومت طرفان اينٽي ڪرپشن ايپ جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.