اسلام آباد – 25 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر ??ردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته اسان کي گڏجي سي پيڪ سان جڙيل غلط بياني کي شڪست ڏيڻي آهي، سي پيڪ مان مڪمل لاڀ پرائڻ لاءِ ميڊيا جو ڪردار اهم هوندو، چيني ۽ پاڪستاني ميڊيا گڏجي چيني سيڙپڪارن کي پاڪستان ۾ سيڙپڪار?? لاءِ متوجهه ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا، قومي مفاد لاءِ ميڊيا کي مجموعي ??ور تي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، هڪ ڄاڻي واڻي منفي خبر به قومي مفاد کي نقصان پهچائي سگهي ٿي. اهڙن خيالن جو اظهار هن چين ج?? سرڪاري نيوز ايجنسي ”زينوا“ آل ميڊيا سروسز جي وچ ۾ مفاهمت جي يادداشتن تي صحيحن جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.