اسلام آباد – 18 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان پنجاب جي چيف سيڪريٽري ۽ پنجاب جي آءِ ج?? کي ذخيره اندوزن، ناجائز منافعي خورن جي نشاندهي ۽ ان??ن کي سزائون ڏيڻ جي حوالي سان قدمن جي هدايت ڪئي آهي، هن مشڪل صورتحال ۾ جيڪي ماڻهو ذخيره اندوزي ڪري رهيا آهن ان??ن کي بي نقاب ڪيو ويندو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو ته وزيراعظم عمران خان ڊيره غازي خان جي سي??ٽرل ڪنٽرول روم ۾ ايران مان آيل زائرين جي لاءِ قرنطينه ۾ ڪيل انتظامن جو جائزو ورتو.