اسلام آباد – 04 جون (اي پي پي) وفاقي وزير اسد عمر جي صدارت ۾ توانائي بابت ڪابينا ڪميٽي جو اجلاس خميس ڏينهن اسلام آباد ۾ منعقد ٿيو، اجلاس ۾ ڪ??بينا ڪميٽي توانائي واري وزارت جي ڊيزل ۽ پيٽرول ??ي درآمدات کي يورو V معيار موجب ڪرڻ جي سفارشن جي منظوري ڏني وئي، انهن مصنوعات ۾ سلفر جي گهٽ مقدار جي ڪري فضائي آلودگي گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ملندي، ياد رهي ته پاڪستان ۾ ڪيترائي ميداني علائقا سردين ۾ ڌنڌ (سموگ) جو شڪار رهندا آهن، اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته پيٽروليم ڊويزن ملڪ ۾ موجود تيل ??اف ڪندڙ ڪارخانن سان يورو V کي ملڪ ۾ ل??ڳو ڪرڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪندي، ڪابينا ڪميٽي فيصلو ڪيو ته پهرين آگسٽ 2020ع کان پوءِ آئل ڪمپنين کي صرف يورو V پيٽرول درآمد ڪرڻ جي اجا??ت هوندي، ڪابينا ڪميٽي جي فيصلي موجب جنوري 2021ع کان صرف يورو V ڊيزل درآمد ڪرڻ جي اجا??ت هوندي ان سلسلي ۾ لاڳاپيل ادارا تفصيلي پلان تيار ڪندا.