اسلام آباد – 18 جون (اي پي پي) گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ ڪورونا جا 31 ه??ار 500 ٽيسٽ ڪيا ويا، پوري ملڪ ۾ هيستائين ڪورونا مان صحتياب ٿيندڙن جو انگ 59 ه??ار 215 آهي، آزاد ڪشمير گلگت بلتستان ?? بلوچستان ۾ ڪو مريض وينٽي ليٽر تي نه آهي، هن وقت سڄي ملڪ ۾ ايڪٽو ڪيسن جو انگ 97 ه??ار 810 جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 5 ه??ار 358 مريضن جو اضافو ٿيو. اين سي او سي موجب سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي مريضن جو انگ 1 لک 60 ه??ار 118 آهي، ج?? ۾ آزاد ڪشمير ۾ 740، بلوچستان ۾ 8 ه??ار 794، گلگت بلتستان ۾ 1 ه??ار 213، اسلام آباد ۾ 9 ه??ار 637، خيبرپختونخواهه ۾ 19 ه??ار 613، پنجاب ۾ 60 ه??ار 138، سنڌ ۾ 59 ه??ار 983 مريض آهن.