اسلام آباد – 19 جون (اي ??ي ??ي) وزيراعظم عمران خان جي موجودگي ۾ پاڪستان ۽ ٽي عالمي مالياتي ادارن جي وچ ۾ 1500 م??ين ڊالر ??ي مالياتي معاهدن تي صحيحون ڪيون ويون، اهو معاهدا عالمي بئنڪ، ايشيائي ترقياتي بئنڪ ۽ ايشئين انفرااسٽرڪچر ڊلپمينٽ بئنڪ سان طئي ٿيا. ايشيائي ترقياتي بئنڪ ڪوويڊ 19 ايڪٽو رسپانس اينڊ ايڪسپينڊيچر سپورٽ پروگرام لاءِ 500 م??ين ڊالر ??ي مالي مدد فراهم ڪندو، ان جو مقصد حڪومت پاڪستان کي ان جي صحت جي نظام کي مضبو?? بڻائڻ ۽ ڪورونا وبا جي سماجي ۽ معاشي اثرن ۾ گهٽتائي آڻڻ جي ڪوششن ۾ تعاون فراهم ڪرڻ آهي، انهي طرح ايشيئن انفرااسٽرڪچر انويسٽمنيٽ بئنڪ به ڪوويڊ 19 ايڪٽو ريسپانس اينڊ ايڪسپينڊيچر سپورٽ پروگرام لاءِ 500 م??ين ڊالر ??ي معاون فنانسنگ فراهم ڪري رهيو آهي، ان جو مقصد ڪورونا وبا جي اثرن تي ضابطو آڻڻ جي حڪومتي ڪوششن ۾ تعاون فراهم ڪرڻ آهي، ان کانسواءِ انساني وسيلن جي ترقي لاءِ ضروري صحت ۽ تعليم جي نظام کي مضبو?? بڻائڻ، معاشي پيداوار ۾ عورتن جي ڪردار جي حوصلا افزائي ۽ سماجي تحفظ جي منصوبن ۾ بهتري ۾ مدد جي سلسلي ۾ اسيڪورنگ هيومن انويسٽمينٽس ٽو فاسٽر ٽرانسفارميشن (شفٽ) لاءِ 500 م??ين ڊالر ??ي معاهدي تي به صحيحون ڪيون ويون.