اس??ام آباد – 20 جون (اي پي پي) ??يش??ل ڪمانڊ اينڊ آپري??ن سينٽر کي صوبائي چيف سيڪريٽرين سڄي ملڪ ۾ ايس او پيز تي عملدرآمد ۽ لاڪ ڊائون جي تازي صورتحال کان ??گاهه ڪيو آهي. منصوبابندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير اسد عمر جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ سڄي ملڪ ۾ ٽارگيٽيڊ، سمارٽ لاڪ ڊائون جي صورتحال، اين سي او سي ۾ ڪيل فيصلن تي عملدرآم??، آڪسيجن ۽ سيلنڊر جي درآمدم، وبا جي ڏس ۾ اهم طبي اوزارن جي ضروري ڪاٿي بابت معاملن جو جائزو ورتو ويو. اين سي او سي پاران ??اري پڌرائي موجب ان موقعي تي ڳالهائيندي وفاقي وزير اسد عمر چيو ته صوبائي حڪومتون پرائيويٽ ڪارپوريشنز ۽ آفيسن جي لاءِ نوٽيفڪيشن جاري ڪن ته سمارٽ لاڪ ڊائون وارن علائقن ۾ رهندڙ ملازمن کي آفيسن مان ??يرحاضري تي ڪا سزا نه ڏني ويندي.