اسلام آباد – 20 سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته وزيراعظم پاڻ چيو ته نواز ش??يف جي تقرير نشر ٿيڻ ڏيو، نواز ش??يف جي تقرير سڌوسنئون نشر ٿيڻ سان هو پاڻ ايڪسپوز ٿي ويو آهي، قوم کي خبر پئجي وئي آهي ته سندس ڳالهين ۾ ڪيتري منافقت آهي ۽ هو مڪمل صحتمند ڏسڻ ۾ آيو آهي، واضح ٿي ويو ته ٻاهر وڃڻ جي لاءِ بيماري جي شعبده بازي ڪئي وئي، وفاقي گادي واري شهر جو ماحول نارمل آهي، ڪجهه سيا??ي اڳواڻ گڏ ٿيا آهن، نواز ش??يف جي بيان ۾ ڪا نئين ڳالهه نه آهي، 2018ع ۾ ڇو ڪڍيو جي مهم ۾ به اهڙيون ڳالهيون ڪري چڪو آهي، انهن کان پڇڻ گهرجي ته قومي ادارن جي خلاف بيانيو ڪير ڏئي رهيو آهي، ايف اي ٽي ايف بل جي مخالفت ۽ ادارن جي خلاف مهم نواز ش??يف جي تقرير ۾ ظاهر هئي. مخالف ڌر پارٽ??ن پاران منعقد ڪيل اي پي سي تي پنهنجي ردعمل ۾ وفاقي وزير چيو ته وفاقي گادي واري شهر جو ماحول نارمل آهي رڳو ڪجهه سيا??ي اڳواڻ گڏ ٿيا آهن، نواز ش??يف اڄ جي بيان ۾ ڪا نئين ڳالهه ناهي ڪئي، نواز ش??يف 2018ع ۾ ڇو ڪڍيو جي مهم ۾ به اهڙيون ڳالهيون ڪري چڪوآهي، نواز ش??يف کان پڇڻ گهرجي ته قومي ادارن جي خلاف بيانيو ڪير ڏئي رهيو آهي؟ ايف اي ٽي ايف بل جي مخالفت ۽ ادارن جي خلاف مهم نواز ش??يف جي تقرير ۾ ظاهر هئي، ان تي بحث ٿيڻ گهرجي ته نواز ش??يف کي بيانيو ڪنهن جي طرفان ڏنو پيو وڃي.