اسلام آباد – 08 آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته 8 آڪٽوبر 2005ع جو زلزلو پاڪستاني قوم جي لاءِ هڪ آزمائش هئي ۽ قوم ان آزمائش جي وقت ۾ جنهن اتحاد ۽ يڪجهتي ??و مظاهرو ڪيو اهو مثالي هو، ان زلزلي جي تباهڪارين ۽ ان جي نتيجي ۾ شهيد ٿيندڙن کي اسان اڄ تائين ناهي وساريو ۽ اهي خاندانن جنهن جا پيارا ان قدرتي ??فت دوران انهن کان وڇڙي ويا انهن جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون، اهڙن خيالن جو اظهار هن 8 آڪٽوبر 2005ع جي زلزلي جي 15 هين ورسي جي موقعي تي پ??هن??ي پيغام ۾ ڪيو، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر چيو ته 8 آڪٽوبر جي زلزلي دوران سڄي قوم پ??هن??ي مصيبت ۾ ورتل ڀائرن سان شيهي جي ديوار وانگر گڏ بيٺل رهي، ه?? چيو ته ان بي مثال قومي اتحاد ۽ يڪجهتي متاثرين کي نئين سر پ??هن??ي پيرن تي ??يهڻ جي لاءِ هڪ نئون حوصلو ۽ عزم ڏنو.