اسلام آباد – 10 فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته مصر خطي ج?? هڪ اهم ملڪ ۽ ان جو استحڪام ۽ ترقي خطي ۾ امن ۽ خوشحالي لاءِ اڻٽر آهي، اها ڳالهه هن پاڪستان ۾ مقرر مصر?? سفير طارق دهرواگ سان ڳالهائيندي چئي. جنهن پرڏيهي وزارت ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. شاهه محمود قريشي چيو ته اها ڳالهه خوشي ج??ڳي آهي ته مصر جو صدر عبدالفتح السيسي ج?? قابل قيادت ۾ س??اسي استحڪام ۽ سلامتي طرف گامزن آهي، ٻنهي ملڪن جي عوام گڏيل عقيدي ۽ هڪجهڙي ثقافتي وابستگي ج?? ٻنڌڻ ۾ ٻڌل آهن، پرڏيهي وزير چيو ته ٻئي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ علائقائي ۽ عالمي معاملن تي موقف ۾ هڪجهڙائي خوش آئنده آهي منهنجو گذريل سال مصر جي دوري دوران صدر السيسي ۽ پرڏيهي وزير سامع شڪري سان تمام فائديمند ملاقاتون ٿيون. هن چيو ته پاڪستان مصري پرڏيهي وزير سامع حسن شڪري ج?? پاڪستان جي دوري ۽ اسلام آباد ۾ چوٿين گڏيل ??زارتي ڪميشن (جي ايم سي) جي ج??د انعقاد جو منتظر آهي. مصر?? سفير پرڏيهي وزير جو ٿورو ادا ڪندي پاڪستان ۽ مصر جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن جي فروغ لاءِ پنهنجي هر ممڪن تعاون جي خاطري ڏياري.