لاهور – 16 فيبروري (اي پي پي) وز??را??ظم عمران خان سان پنجاب جي وڏي وزير سردار عثمان بوزدار ملاق??ت ڪئي. وز??را??ظم آفيس ??ي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ پنجاب جي چيف سيڪريٽري ڪامران علي افضل ۽ آءِ جي پنجاب رائو سردار علي خان پڻ شرڪت ڪئي. ملاقات ۾ پنجاب صوبي جي سول انتظاميا ۽ امن امان سان لاڳاپيل معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ۽ ترقياتي منصوبن جي اڳڀرائي تي بريفنگ ڏني وئي. وز??را??ظم صوبي ۾ عام ماڻهو کي فوري ۽ موثر خدمتن جي فراهمي جي لاءِ ڀرپور قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي. هن عوام جي جان ۽ ما?? ۽ مفادن جي تحفظ لاءِ شرپسندن، ذخيره اندوزن ۽ قبضي ما??يا جي خلاف پڻ موثر قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي.