??سل??م آباد – 25 فيبر??ري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چ??و آهي ته وزيراعظم عمران خان هڪ ڀيرو ٻيهر ماسڪو ۾ پنهنجي اصولي موقف کي دنيا آڏو پيش ڪري ڇڏيو ته طاقت جو استعمال ڪنهن به تڪرار جو حل نه آهي، روس ۽ يوڪرين کي ڳالهين سان مسئلو حل ڪرڻ گهرجي. وزيراعظم عمران خان جي روس جي د??ري تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته وزيراعظم عمران خان جو روس جو دورو ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته پاڪستان علائقائي امن ۽ سلامتي ۽ اقتصادي ترقي جي لاءِ تڪرارن بدران پائيدار امن جي لاءِ ڪوششون ڪري ره??و آهي، پنهنجي قومي مفادن کي مٿانهون رکندي سفارتي سطح تي اسان کي پنهنجي پوزيشن مستحڪم ڪرڻ ۾ مدد پڻ ملي آ??ي. ??ملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته وزيراعظم عمران خان جي د??ري جي ٽائيمنگ تي سوال اٿاريندڙن کي سمجهي ڇڏڻ گهرجي ته وزيراعظم وڏي مئچ جو وڏو رانديگر آهي، ڪشمير مسئلي کان وٺي افغانستان ۽ توانائي جي شعبي ۾ تعاون، ٻطرفن لاڳاپن، ??سل??مو فوبيا تي ڳالهه ٻولهه ٿي، عمران خان انشاءَ الله نه ڪڏهن جهڪندو، نه پاڪستانين کي جهڪڻ ڏيندو.