حافظ آباد – 13 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چي?? آهي ته ليڊر ڪڏهن ڪنهن جي اڳيان ناهي جهُڪندو، سياست ۾ پاڪستانين کي هڪ قوم بڻائڻ جي لاءِ آيو آهيان، پاڪستانين جي حقن جو تحفظ منهنجي سڀ کان وڏي ذميواري آهي، ٻين کي خوش ڪرڻ جي لاءِ ملڪ کي نقصان پهچائڻ جي اجازت ڪڏهن به نه ڏيندس، اسان هڪ آزاد ملڪ آهيون ڪنهن جا غلام نه آهيون، حڪومت ڪيرائڻ جي لاءِ چوري جي پئسي سان ضمير خريد ڪيا پيا وڃن پر مخالف ڌر کي پنهنجي مقصد ۾ ناڪامي ٿيندي، پاڪستان دنيا ۾ هر ملڪ س??ن سٺا لاڳاپا رکڻ چاهي ٿو، پاڪست??ن جي تاريخ ۾ ايتري ترقي نه ٿي هوندي جيتري هنن سالن ۾ ٿيندي، سڄي ملڪ ۽ خاص طور تي پنجاب ۾ اهي ڪم ڪري ڏيکارينداسين جيڪي ماضي ۾ نه ٿيا هوندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن حافظ آباد ۾ عوامي جلسي کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم جلسي جي ڪامياب انعقاد تي قومي اسيمبلي ميمبر شوڪت ڀٽي ۽ صوبائي اسيمبلي ميمبرن سميت مهدي حسن ڀٽي ۽ پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن کي مبارڪباد ڏني. هن چي?? ته شوڪت ڀٽي مطالبن جي ايتري وڏي لسٽ پيش ڪئي آهي جو ائين لڳي ٿو ته جيڪي ڪم 70 سالن ۾ نه ٿيا اهي هڪ سال ۾ ڪرائڻ چاهي ٿو. هن چي?? ته منهنجو توه??ن سان واعدو آهي ته جڏهن حڪومت جا 5 سال مڪمل ٿيندا ته پاڪست??ن جي تاريخ ۾ ايتري ترقي نه ٿي هوندي جيتري هنن سالن ۾ ٿيندي. وزيراعظم چي?? ته اس??ن سڄي ملڪ ۽ خاص طور تي پنجاب ۾ اهي ڪم ڪري ڏيکارينداسين جيڪي ماضي ۾ نه ٿيا هوندا. وزيراعظم جلسي جي شرڪت ڪندڙن ک??ن سوال ڪيو ته توهان ٻڌايو مون کي 25 سال اڳ سياست ۾ اچڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي، زندگي ۾ مون جيڪو چاهيو خدا ڏنو پر آئون علامه اقبال ۽ قائداعظم جي خواب جي تعبير چاهيندو هئس، ان لاءِ سياست ۾ آيس. هن چي?? ته علامه اقبال جي خواب موجب پاڪست??ن جو مقصد هڪ قوم بڻجڻ هو. هن چي?? ته ڪا به قوم ڪنهن هڪ نظريي تي بيهي ئي قوم بڻجي سگهي ٿي، باقي ماڻهن جو ميڙ هوندو آهي جنهن ۾ علائقائي نعرا لڳندا آهن. هن چي?? ته جيستائين قوم کي پاڪستان ٺهڻ جو مقصد معلوم نه هجي اسان هڪ قوم نه ٿا بڻجي سگهون. عمران خان چي?? ته الله تعاليٰ به نبي ڪريم ﷺ جي سنت تي عمل ڪرڻ جي تلقين ڪري ٿو، جيستائين مسلم??ن سنت نبوي ﷺ تي عمل پيرا رهيا ته صدين تائين دنيا تي حڪومت ڪئي پر جڏهن ان کان پٺتي هٽيا ته هيٺ اچي ويا. وزيراعظم عمران خان چي?? ته مون پنهنجي قوم جي تربيت لاءِ رحمت للعالمين ﷺ اٿارٽي قائم ڪئي آهي جنهن جو مقصد ٻارن ۽ نوجوانن کي نبي ﷺ جي سيرت کان آگاهي فراهم ڪرڻ آهي. هن چي?? ته اس??ن جو نبي ﷺ سڀني انسانن جي لاءِ رحمت بڻجي آيا هئا ۽ انهن مديني جي رياست ۾ سمورن انسانن کي گڏ ڪيو، نظريو عدل ۽ انصاف جو نظريو هو جنهن تحت سڀني جي لاءِ هڪ ئي قانون هو، مديني جي رياست جو ٻيو اصول هڪ فلاحي رياست هو ۽ هي دنيا جي پهرين فلاحي ۽ خوددار رياست هئي. هن چي?? ته الله تعاليٰ امر باالمعروف و نهي عن المنڪر جو درس ڏنو آهي، عوام جي ذميواري آهي ته اها سٺائي جو ساٿ ڏي ۽ برائي جي خلاف جهاد ڪري. هن چي?? ته خدا ان ڳالهه جي اجازت نه ٿو ڏي ته توهان برائي جي خلاف نه بيهو جيستائين اسان برائي جي خلاف نه بيهنداسين ته اڳتي نه ٿا وڌي سگهون. هن چي?? ته جڏهن ڪا قوم ظلم جي خلاف نه ٿي بيهي ته ظلم وڌند?? ويندو آهي، ڪرپشن جي خلاف نه اٿون ته ڪرپشن وڌي وڃي ٿي، معاشري ۾ ڏوهه وڌن ته معاشري کي ??ن جو مقابلو ڪرڻ گهرجي. وزيراعظم عمران خان چي?? ته آئون گذريل 25 سالن کان پنهنجي قوم ۾ تبليغ ڪري رهيو آهيان ته جيڪڏهن عظيم قوم بڻجڻو آهي ته سٺائي جو ساٿ ڏيڻو پوندو. هن چي?? ته حڪومت کي ڪيرائڻ جي لاءِ چوري جي پئسي سان ماڻهن جا ضمير خريد ڪرڻ تي رياست، عوام، عدليه ۽ اليڪشن ڪميشن جي ذميواري آهي ته اهي ??ن جي خلاف اٿي بيهن. هن چي?? ته مون اولهه ۾ ڪافي وقت گذاريو اتي ڪنهن جي جرئت نه آهي ته ڪنهن پارليامينٽ ميمبر جو ضمير خريد ڪري سگهي، ان تي هو معاشري ۾ پنهنجي شڪل به نه ٿو ڏيکاري سگهي. هن آمريڪا جي هڪ امير ترين شخص جو مثال ڏيندي چي?? ته جڏهن هو ڪرپشن ۾ پڪڙي?? ويو ته ??ن جي وڏي پٽ خودڪشي ڪري ڇڏي، ٻيو گهر مان ئي نه نڪتو ۽ فوت ٿي ويو، گهرواريءَ طلاق وٺي ڇڏي، ڀيڻ ۽ مڙس خودڪشي ڪئي ??و ته انهن کي خبر هئي ته معاشري ۾ انهن جي جڳهه ختم ٿي وئي آهي. هن چي?? ته جڏهن قوم امر باالمعروف تي بيهي ٿي ته خدا جو خوف پيدا ٿئي ٿو. هن چي?? ته رحمت للعالمين ﷺ اٿارٽي قائم ڪرڻ سان ٻارن جي تعليم ۽ تربيت ۽ عوام جي ڪردارسازي ۾ مدد ملندي. هن چي?? ته مديني جي رياست ۾ به ماڻهن جي اخلاقيات تي ڌيان ڏن?? ويو، انهي فلسفي تحت اٿارٽي هر ٻار جي تربيت ڪندي جنهن سان عوام ۾ شعور پيدا ٿيندو. هن چي?? ته اسان کي علامه اقبال جي سوچ موجب هڪ مثالي ملڪ بڻجڻو آهي، آئون 25 سال اڳ ان لاءِ سياست ۾ آيو هئس ته پاڪستانين کي هڪ قوم بڻائي سگهان ڇو ته قائداعظم کانپوءِ اس??ن جي قوم جو وقار هيٺ ڪرند?? ويو جنهن جو بنيادي سبب حڪمرانن جو پاڪست??ن جي تخليق کان اڻواقف هجڻ هو. هن چي?? ته پاڪستان قائم ڪرڻ وقت پاڪست??ن جو مطلب ڇا ”لا اله الله“ جو نعرو لڳو هو، جنهن جي فلسفي تحت اسان غيرتمند قوم بڻجي سگهون ٿا. هن چي?? ته قومي خودداري جي لاءِ اسان فيصلو ڪيو ته پوري قوم جو هڪ تعليمي نصاب هوندو ته جيئن تعليم ۾ فرق ختم ٿي سگهي ۽ پاڪست??ن جي تاريخ ۾ 70 سالن کانپوءِ هڪ نصاب متعارف ڪراي?? ويو آهي جنهن تي تعليم ۽ تربيت وارو وفاقي وزير شفقت محمود خراج تحسين جو مستحق آهي. هن چي?? ته اسان چاهيون ٿا ته سمورا شاگرد انگريزي پڙهن پر ??ن سان انسانن ۾ فرق پيدا نه ٿئي جنهن جي لاءِ اسان اهو ڪم ڪيو آهي، شروع ۾ پنجين درجي تائين هڪ جهڙو نصاب متعارف ڪراي?? ويو آهي ان کي باقي ڪلاسز تائين به وڌائينداسين ته جيئن ديني مدرسن سميت سڀني ٻارن کي انگريزي سميت ٻيا جديد علم پڙهايون ته جيئن ٻار ترقي ڪري سگهن. هن چي?? ته مون پوري قوم جي ترقي لاءِ تعليم جي شعبي تي خاص ڌيان ڏنو آهي ان حوالي سان نوجوانن کي 26 لک اسڪالرشپس ڏئي رهيا آهيون جن جي سڌوسنئون نگراني وزيراعظم آفيس مان ڪئي پئي وڃي ته جيئن ميرٽ ۽ شفافيت يقيني بڻجي ته جيئن قابل ۽ ذهين ٻارن کي وظيفا ملن، اسان ٽيڪنالاجي شعبي جي ترقي لاءِ پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو ٻه يونيورسٽيون ٺاهي رهيا آهيون جن ۾ سموريون جديد ٽيڪنالاجيز پڙهايون وينديون انهي حوالي سان هڪ ايرو اسپيس ٽيڪنالاجي يونيورسٽي ٺاهي پئي وڃي ته جيئن اسان به ان شعبي ۾ ترقي ڪري سگهون ۽ ملڪ پنهنجي پيرن تي بيهي سگهي. وزيراعظم عمران خان نوجوانن کي مخاطب ڪندي چي?? ته سڀ کان ضروري ڳالهه اها آهي ته جڏهن نبي ﷺ مسلمانن جي ٿوري انگ جي باوجود ان وقت جي ٻن سپر پاورز کي خط لکيا هئا، نبي ﷺ روم ۽ فارس جي سپر پاورز کي پيغام ڏنو ته آئون الله جو پيغام کڻي آيو آهيان، جيڪڏهن توهان ان تي هلندا ته توه??ن جي بهتري آهي. هن چي?? ته ليڊر ڪنهن جي آڏو ناهي جهڪندو ۽ اها نبي ﷺ جي سنت به آهي، ڪلمو پڙهڻ کانپوءِ ڪو انسان ڪنهن ڪوڙي جي آڏو نه ٿو جهڪي پر اس??ن جي بدقسمتي آهي ته جڏهن اس??ن جو وزيراعظم آمريڪي صدر آڏ?? ويهي ته ??ن جون ڪانپين ٽانگ رهيون هيون، پرچيءَ سان پڙهندو هو، جيڪڏهن اهڙي طرح جو رويو ڪو ليڊر ڪنهن آڏو ڪري ته ??ن جي قوم جو معيار هيٺ ڪري ٿو ڇو ته هڪ ليڊر ئي قوم کي مٿي اٿاريندو آهي. هن چي?? ته اس??ن جو عظيم ليڊر قائداعظم محمد علي جناح غلام ملڪ ۾ آزاد ليڊر هو جيڪو ڪنهن جي آڏو نه جهُڪيو. يورپي يونين جي سفيرن جي خط جي حوالي سان وزيراعظم عمران خان چي?? ته انهن خط ۾ روس جي خلاف بيان ڏيڻ جو چي?? جيڪا سفارتي آدابن جي خلاف ورزي آهي. هن چي?? ته دنيا جي ڪنهن ٻئي ملڪ به سفير حڪومت کي خط نه ٿو لکي سگهي جنهن جي ڪري مون ان تي تنقيد ڪئي، اسان هڪ آزاد ملڪ آهيون ڪنهن جا غلام نه آهيون. هن چي?? ته فضل الرحمان، شهباز شريف ۽ بلاول ان تي چي?? ته وزيراعظم وڏو ظلم ڪيو آهي. هن چي?? ته آئون اولهه کي سڀ کان بهتر ڄاڻان ٿو ۽ انهن جي ذهنيت به ڄاڻان ٿو جيڪي ماڻهو انهن جا بوٽ پالش ڪن ٿا انهن کي اهي حقارت سان ڏسن ٿا، جڏهن ته قوم جي مفادن جي لاءِ بيهندڙن جي عزت ڪن ٿا. وزيراعظم نوجوانن تي زور ڏنو ته جيڪو پنهنجي عزت ڪري ٿو دنيا ??ن جي عزت ڪري ٿي ۽ جيڪو پنهنجي عزت نه ڪري دنيا ??ن جي عزت نه ٿي ڪري، ان کي پنهنجي زندگي جو اصول بڻائي ??ڏيو. هن چي?? ته 2008ع کان 2018ع دوران پاڪستان ۾ 400 کان وڌيڪ ڊرون حملا ان ملڪ ڪيا جنهن جي لاءِ اس??ن جنگ وڙهي رهيا هئاسين، آصف زرداري ۽ نواز شريف انهن حملن جي هڪ ڀيرو به مذمت نه ڪئي، اهي حملا دنيا جي قانونن جي خلاف هئا ۽ ڪو به قانون ??ن جي اجازت نه ٿو ڏي، جن جي لاءِ اس??ن جنگ وڙهي رهيا هئاسين اهي ئي اسان تي بمباري ڪري رهيا هئا، مون هر جڳهه تي چي?? ته اها انساني حقن جي خلاف ورزي آهي. وزيراعظم چي?? ته ان وقت مختلف ملڪن جي سفيرن چي?? هو ته توهان ڊرون حملن جي مخالفت ڇو ٿا ڪريو ??ن سان ته دهشتگرد ماريا پيا وڃن جنهن تي مون چي?? ته اس??ن جو هڪ دهشتگرد لنڊن ۾ 30 سالن کان ويٺل آهي جنهن ڪراچي ۾ ايترن ماڻهن کي قتل ڪيو آهي جيڪو ڪنهن ٻئي ناهي ڪيو پر فرق اهو آهي ته ان پاڪستاني قتل ڪيا آهن ۽ گهرڻ تي به ان کي اس??ن جي حوالي نه پيو ڪيو وڃي. هن چي?? ته ڇا توهان اجازت ڏيندا ته اسان ڊرون حملي سان ان کي لنڊن ۾ ماري ڇڏيون، توهان ??ن جي اجازت نه ڏيندا ڇو ته ڪو به مهذب معاشرو ??ن جي اجازت نه ٿو ڏي. وزيراعظم واضح ڪيو ته پاڪستان دنيا ۾ هر ملڪ س??ن سٺا لاڳاپا رکڻ چاهي ٿو، آئون 22 ڪروڙ عوام جو وزيراعظم آهيان ۽ پاڪستانين جي حقن جو تحفظ منهنجي سڀ کان وڏي ذميواري آهي، آئون ڪنهن جي خوشي جي لاءِ ڪڏهن به اجازت نه ڏيندس ته ڪير اس??ن جي ملڪ جي خلاف قدم کڻي. پنهنجي آمريڪا جي دوري جو حوالو ڏيندي هن چي?? ته مون سڀ کان گهٽ خرچ ڪيو، ڪمرشل فلائيٽ س??ن سفر ڪيو، هوٽل بدر??ن سفارتخاني جي ڪمري ۾ رهيس ڇو ته مون ٻڌائڻ چاهيو پئي ته ملڪ جي معاشي حالتن جي ڪري آئون بچت ڪري رهيو آهيان. هن چي?? ته ماضي ۾ نواز شريف ۽ آصف زرداري 12 ۽ 14 لک ڊالرز ۾ دورا ڪيا هئا جڏهن ته منهنجي دوري تي ڪل خرچ 1.5 لک ڊالر ٿيو. هن چي?? ته جڏهن توهان اتي وڏين هوٽلن ۾ رهو ٿا تحفا ڏيو ٿا ته اهي توه??ن جي عزت نه ٿا ڪن پر مذاق اڏائين ٿا، ٻئي طرف جڏهن اهي ڏسن ته ڪنهن ليڊر کي پنهنجي ملڪ جو فڪر آهي ته اهي ??ن جي عزت ڪن ٿا، غيرملڪي حڪومتي سربراهه اس??ن جي حڪمرانن جي تعليم، سياست ۽ ايمانداري بابت به سڀ ڄاڻين ٿا، انهن کي خبر هوندي آهي ته ڪنهن جون اربين رپين جون پراپرٽيون ٻاهرئين ملڪ آهن ته اهي ??ن جي عزت نه ٿا ڪن. هن چي?? ته الله تعاليٰ مون کي سڄي دنيا ۾ عزت ڏني آهي ڇو ته انهن کي خبر آهي ته منهنجو ڪو پئسو ٻاهر نه آهي ۽ نه ئي مون ڪرپشن ڪئي آهي. وزيراعظم چي?? ته چي?? به اس??ن جي عزت ڪري ٿو ۽ ان رڪارڊ وقت ۾ جي 10 سي جهاز اسان کي ڏنا آهن، 1982ع کانپوءِ اهڙي طرح جا جديد جهاز پاڪستان آيا آهن ۽ 7 مهينن ۾ اهو اسڪوارڊن مليو آهي ۽ ايف 16 کانپوءِ اهي جديد جهاز آهن جن سان ملڪ جي دفاع کي مستحڪم ڪرڻ ۾ مدد ملندي. پنهنجي روس جي دوري بابت وزيراعظم عمران خان چي?? ته دوري دوران اسان کي ٽي گارڊ آف آرنرز ڏنا ويا ۽ اسان کي عزت ڏني وئي، اهڙي طرح اڳوڻي آمريڪي صدر ٽرمپ س??ن جڏهن مليس ته ان به عزت ڏني هئي ??و ته هو ڄاڻيندو هو ته آئون غلط نه آهيان. هن چي?? ته قوم جي عزت ليڊر سان ٿئي ٿي جڏهن اهو جُهڪي ٿو ته قوم جي عزت نفس به تباهه ٿئي ٿي. هن چي?? ته مون 25 سال اڳ چي?? هو ته آئون نه جهُڪيو آهيان ۽ نه جهُڪندس. او آءِ سي ڪانفرنس جي حوالي سان هن چي?? ته 22 مارچ تي 15 سالن کانپوءِ اسلام آباد ۾ او آءِ سي ڪانفرنس ٿي رهي آهي جنهن ۾ سمورن مسلمان ملڪن جا پرڏيهي وزير شرڪت ڪري رهيا آهن، اس??ن جا لاڳاپا سڀني سان آهن ۽ رکڻ چاهيون ٿا پر ملڪ جي مفادن تي ٺاهه نه ڪنداسين. اسان مديني جي فلاحي رياست جي طز تي قدم کنيا آهن جن تحت ماڻهن جو تحفظ رياست ڪندي ۽ فلاحي رياست جو اهو سفر پاڪستان کي هڪ قوم بڻائيندو. هن چي?? ته رحمت للعالمين ﷺ اٿارٽي، هڪ جهڙو نصاب ۽ خوددار قيادت اسان کي هڪ قوم بڻائيندي، فلاحي رياست جي قدمن تحت ملڪ ۾ صحت ڪارڊ آندو آهي ۽ سنڌ کانسواءِ ٻين سڀني صوبن ۾ صحت ڪارڊ جي سهولت فراهم ڪري رهيا آهيون. هن چي?? ته ان منصوبي تي پنجاب حڪومت 400 ارب رپيا خرچ ڪيا آهن هر خاندان کي 10 لک رپين جو صحت ڪارڊ ڏئي رهيا آهيون جنهن سان بيماري جي صورت ۾ هو ڪنهن به سرڪاري يا نجي اسپتال مان 10 لک رپين تائين جو علاج ڪرائي سگهي ٿو. هن چي?? ته عام ماڻهو نجي اسپتال بابت سوچي به نه سگهندو هو پر صحت ڪارڊ سان ممڪن ٿيو آهي. هن چي?? ته لاهور جي سڀ کان مهانگي نجي ڊاڪٽرز اسپتال جي سربراهه مون کي ٻڌايو ته اسان صحت ڪارڊ تي هڪ ڊرائيور جي دل جي آپريشن ڪئي آهي. هن چي?? ته 70 سالن ۾ ڪنهن به عام ماڻهو بابت نه سوچيو هو، پاڪستان تحريڪ انصاف عام ماڻهو جي ڀلائي تي خاص ڌيان ڏئي رهي آهي، ملڪ جي وڏن وڏن شهرن ۾ مزدوري جي لاءِ ايندڙ ماڻهو رستن تي سمهندا هئا پر اسان انهن جي لاءِ پناهگاهن جو سلسلو شروع ڪيو ته جيئن مزدورن کي سهولت ملي سگهي ۽ اهي پئسو بچائڻ جي لاءِ رستي تي نه سمهن. هن چي?? ته سڄي ملڪ ۾ موجود پناهگاهن جي معيار کي بهتر ڪرڻ سان گڏوگڏ وڌيڪ پناهگاهون پڻ تعمير ڪري رهيا آهيون جتي رهائش ۽ کاڌو مفت ملندو جنهن سان مزدور طبقو پنهنجي خاندانن کي وڌ کان وڌ پئسو موڪلي سگهندا، مستقبل ۾ پناهگاهن سان گڏ دڪان ٺاهيا ويندا ته جيئن انهن جو خرچ هلي سگهي. وزيراعظم عمران خان چي?? ته فلاحي رياست جو هڪ ٻيو قدم ڪامياب پاڪستان پروگرام تحت شهرن ۽ ڳوٺن ۾ 20 لک خاندانن کي بنا وياج قرض فراهم ڪرڻ سان گڏوگڏ پهريون ڀيرو ملڪ ۾ نوجوانن کي فني ۽ پيشيواراڻي تربيت پڻ ڏني پئي وڃي. پنهنجي گهر جي حوالي سان هن چي?? ته عام ماڻهو سوچي به نه سگهندو هو ته شهر ۾ گهر ٺاهي سگهي جنهن جي ڪري ڪچي آباديون ڏينهون ڏينهن وڌي رهيون هيون، اسان بئنڪن سان گڏجي گهٽ آمدني وارن ماڻهن کي گهر جي تعمير لاءِ قرض ڏيڻ شروع ڪيا ته جيئن اهي ڪرائي جي مد ۾ ڏني ويندڙ رقم بئنڪ کي قسط ڏئي پنهنجو گهر ٺاهي سگهن، هيستائين 60 ارب رپين کان وڌيڪ جا قرض ڏنا ويا آهن ان ۾ وڌيڪ اضافو ڪي?? ويندو. مهانگائي جي حوالي سان وزيراعظم عمران خان چي?? ته حڪومت احساس راشن پروگرام شروع ڪري رهي آهي جنهن ۾ 2 ڪروڙ خاندانن کي پئسا ڏينداسين ته جيئن اهي گيهه، اٽي ۽ کنڊ تي 30 سيڪڙو رعايت حاصل ڪري سگهن. وزيراعظم رڪارڊ ٽيڪس اوڳاڙين تي خوشي جو اظهار ڪندي چي?? ته اسان ??ن سان پيٽرول ۽ ڊيزل جون قيمتون 10 رپيا في ليٽر گهٽ ڪيون آهن جڏهن ته دنيا ۾ قيمتن ۾ اضافي جو رجحان آهي، اهڙي طرح بجلي جي قيمت ۾ به 5 رپيا في يونٽ گهٽتائي ??ئي وئي آهي. هن مثال ڏنو ته آمريڪا، برطانيا، يورپ ۽ دبئي سميت ڪيترن ئي ملڪ ۾ تيل اسان کان مهانگو آهي پر اسان تيل درآمد ڪرڻ جي باوجود ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ سستو فراهم ڪري رهيا آهيون. هن چي?? ته جيئن جيئن ٽيڪس جا پئسا وڌندا ويندا توه??ن جو بار گهٽ ڪند?? ويندس. هن چي?? ته گذريل 100 سالن دوران ڪورونا جو تازو سڀ کان وڏو بحران آيو ته سڄي دنيا لاڪ ڊائون هنيو، مون کي به چي?? ويو ته ائين ئي ??يو وڃي، مون هڪ سوال بار بار ڪيو ته اس??ن جي ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙ طبقي جو ڇا ٿيندو، سڀني چي?? ته وزيراعظم ملڪ کي مارائي ??ڏيندو پر الله جي ڪرم سان اڄ ٻن سالن کانپوءِ پوري دنيا چوي ٿي ته وزيراعظم ۽ پاڪست??ن جي حڪمت عملي سڀ ک??ن سٺي رهي آهي جنهن جي پوئيواري دنيا ڪري رهي آهي. هن چي?? ته جيڪڏهن اسان ايترا ئي نااهل هئاسين ته مشڪل وقت ۾ حڪمت عملي جي دنيا تعريف ڇو ڪري رهي آهي، ڪورونا وبا دوران قومي معيشت 5.6 سيڪڙو وڌي جنهن تي سڀئي دنگ رهجي ويا، برآمدات ۽ خاص طور تي ٽيڪسٽائيل برآمدات ۾ رڪارڊ اضافي کانسواءِ مٽاسٽا جي ناڻي ۾ پڻ نمايان بهتري ٿي، تعميرات جي شعبي ۾ 1500 ارب رپيا آيا، آءِ ٽي جي روانگي واپار ۽ ڪڻڪ، ڪمند، چانور، مڪئي وغيره چار وڏين فصلن جي رڪارڊ پيداوار ٿي. هن چي?? ته تازو صنعتي پئڪيج ئي پاڪستان کي بدلائي ??ڏيندو. هن چي?? ته پاڪستان موسمياتي تبديلين جا جيڪي قدم کنيا ان تي برطانيا جي وزيراعظم چي?? ته اهو هڪ مثال آهي جڏهن ته گڏيل قومن پڻ ان کي تسليم ڪيو. هن چي?? ته گذريل 50 سالن ۾ پهريون ڀيرو ملڪ ۾ ڊيم ٺهيا آهن ۽ اسان 10 نوان ڊيم ٺاهي رهيا آهيون جنهن سان پاڻي جي بچت ٿيندي ۽ سستي بجلي دستياب ٿيندي. هن چي?? ته انشاءَ الله ٽن سالن ۾ مهمند ڊيم مڪمل ٿي رهيو آهي جنهن کانپوءِ داسو ۽ ڀاشا ڊيم مڪمل ٿيندا ته ملڪ ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي صلاحيت ٻيڻي ٿي ويندي. پنهنجي خطاب جي آخر ۾ وزيراعظم عمران خان چي?? ته منهنجو ايمان آهي ته اس??ن جو ملڪ هڪ عظيم ملڪ بڻجندو جيڪو 27 رمضان تي وجود ۾ آيو. هن چي?? ته اسان کي دنيا کي ٻڌائڻو آهي ته حضور ﷺ جي مديني جي رياست جي اصولن تي هلي اسان دنيا جو عظيم ترين ملڪ بڻجنداسين. گذريل ڏينهن ڀارتي ميزائيل جي پاڪستاني حدن ۾ ڪرڻ تي هن چي?? ته ان تي اسان حڪمت جي راهه اختيار ڪئي، اسان پنهنجو دفاع ڪري سگهون ٿا، قومي معيشت صحيح رخ ۾ ترقي ڪري رهي آهي ۽ ايندڙ ڏيڍ سال ۾ وڌيڪ ترقي ڪنداسين. وزيراعظم عمران خان چي?? ته توهان فڪر نه ڪريو مخالف ڌر حڪومت ڪيرائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي پر توهان ڏسندا ته حڪومت ڪرڻ بدران اهڙي طرح جي ڪوشش ڪندڙ ناڪام رهندا. ان کان اڳ وزيراعظم عمران خ??ن جڏهن هڪ ڏينهن جي دوري تي حافظ آباد پهتو ته سندس شاندار استقبال ڪي?? ويو. وزيراعظم مختلف منصوبن جو افتتاح پڻ ڪيو جن ۾ 6 ارب رپين جي لاڳت سان قائم ڪئي ويندڙ يونيورسٽي آف حافظ آباد، 10 ارب رپين سان 400 بيڊز تي ٻڌل ڊي ايڇ ڪيو اسپتال ۽ 10 ارب رپين جي لاڳت سان حافظ آباد کان گوجرانوالا ٻن ڦاڪن واري رستي جي تعمير جا منصوبا شامل هئا. وزيراعظم عمران خ??ن جي حافظ آباد جي دوري جي موقعي تي وفاقي وزير شاهه محمود قريشي، اسد عمر، شفقت محمود، خاص معاون شهباز گل ۽ سينيٽر فيصل جاويد پڻ وزيراعظم سان گڏ هئا.