اسلام آباد – 19 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات و??ري وفاقي وزير چوڌري فواد ??سين چيو آهي ته شطرنج به اسان وٽ، چالون ۽ مستقبل به اسان وٽ آهي، هي ماڻهو بادشاهه کي ڪيرائڻ نڪتا هئا پر انهن کي خبر نه هئي ته رستي ۾ ڪيتريون مشڪلاتون اينديون، هي عمران خان جي مقبوليت نه ڄاڻيندا هئا، ڪجهه ماڻهن جي ڳالهين ۾ اچي اهي سمجهي ويٺا ته شايد عمران خان جي مقبوليت گهٽ ٿي وئي آهي?? ضمير فروشن کي نوٽيسز ج??ري ڪري ڇڏيا آهن، اسان انهن کي 7 ڏينهن ڏنا آهن اهي واپس اچي سگهن ٿا، جن ماڻهن جو عمران خان سان گذارو نه آ??ي ۽ انهن جي پيٽ ۾ سُور آهي ته اسان انهن کي دوا ڏيڻ لاءِ تيار آهيون، عمران خان کانسواءِ پاڪستان جي سياست مڪمل نه آ??ي ۽ تحريڪ انصاف کانسواءِ پاڪستان جي حڪومت مڪمل نه آ??ي. اهڙن خيالن جو اظهار هن بني گالا ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي توانائي وارو وفاقي وزير حماد ??ظهر پڻ موجود هو. اطلاعات و??ري وفاقي وزير چيو ته اسان جي سياسي مخالفن کي هوش اچي ويو آهي ۽ انهن کي خبر پئجي وئي آهي ته عمران خان ۽ پي ٽي آءِ عوام ۾ ڪيترا مقبول آهن. هن چيو ته اڄ وزيراعظم جي صدارت ۾ اجلاس ۾ توانائي و??ري وفاقي وزير حماد ??ظهر جا بجلي جي قيمت ۾ 5 رپيا گهٽتائي ڪرڻ تي ٿورا مڃيا ويا. هن چيو ته پيٽرول ۽ بجلي جي قيمتن ۾ گهٽتائي کي هر طبقي جي ماڻهن ساراهيو آهي. چوڌري فواد ??سين چيو ته پاڪستان ۾ ڪالهه پرامن احتجاج جي لاءِ جيڪي ماڻهو نڪتا اهي پاڪستان جا هيرو آهن، اسان کي سٺائي ۽ بدي ۾ فرق ڪرڻو آهي، امر بالمعروف و نهي عن المنڪر اسان جي سوسائٽي جو بنياد ??هي. هن چيو ته ڊي چوڪ جلسي جو ٿهيم ”امر بالمعروف“ هوندو. اطلاعات و??ري وفاقي وزير چيو ته ضمير فروشن کي نوٽيسز ج??ري ڪري ڇڏيا آهن، اسان انهن کي 7 ڏينهن ڏنا آهن اهي واپس اچي سگهن ٿا. هن ٻڌايو ته هڪ صاحب جي ڀاءُ جي فون آئي ۽ چيو ته سندس ڀاءُ جي حرڪت تي اسان جو خاندان شرمنده آ??ي. هن چيو ته سنڌ هائوس جي ٻاهر سنڌ پوليس جو پهرو لڳل آهي، اسان ڪنهن کي قيد ۾ نه ڇڏينداسين، سڀني ماڻهن کي ٻاهر اچڻ جو موقعو ملندو. چوڌري فواد ??سين چيو ته اتحادين سان معاملا جلد طئي ٿي ويندا، ماڻهن جي واپسي جو سفر توهان سڀ ڏسندا. هن چيو ته حڪومت نه اڳ ۾ ڪيڏانهن وڃي رهي هئي، نه هاڻي ڪيڏانهن وڃي رهي آهي ۽ نه اڳتي ڪيڏانهن ويندي. اطلاعات و??ري وفاقي وزير چيو ته جن ماڻهن جو عمران خان سان گذارو نه آ??ي ۽ انهن جي پيٽ ۾ سُور آهي ته اسان انهن کي دوا ڏيڻ لاءِ تيار آهيون، پر گذارو عمران خان سان ئي ڪرڻو پوندو. هن چيو ته اسان جي ڪوشش آهي ته معاملا جلد طئي ٿين ۽ اسان معيشت جي بهتري طرف واپس وڃي سگهون، ڪٿي ائين نه ٿئي جو سياست جي ڪري معيشت کي نقصان پهچي. هن چيو ته آصف زرد??ري ۽ بلاول ڀٽو شهباز شريف سان گڏ ويٺل آهن، ڳالهيون ٿي رهيون آهن ته پيٽ ڦاڙي اسان کي پئ??ا واپس ڪيئن وٺڻا آهن. هن چيو ته پنهنجي قوم تي فخر آهي، قوم ثابت ڪيو آهي ته هي 1989ع يا 1990ع جو ڏهاڪو نه آ??ي، هتي خراب کي خراب چوندڙ ماڻهو موجود آهن. هن چيو ته وزيراعظم جو پيغام ڏيڻ چاهيان ٿو ته پرامن احتجاج اسان جو حق آهي پر ان احتجاج ۾ تشدد نه ٿيڻ گهرجي، احتجاج هر ذي شعور جو آئيني حق آهي. هن چيو ته هارس ٽريڊنگ جي حوالي سان سومر تي ريفرنس داخل ڪنداسين، سپريم ڪورٽ ۾ اهو معاملو ويندو. هن چيو ته شهباز شريف 60ع جي ڏهاڪي جا سوٽ ڪڍي رکيا آهن، ڪٿي هاڻي هيٽ پائي هٿ ۾ پائيپ به نه پڪڙي وٺي، جيترو هو پاڻ کي ڏيکارڻ چاهي ٿو ته آئون گورو آهيان، ائين لڳي نه رهيو آهي. هن چيو ته گورو بڻجڻ جي لاءِ هو دوائون ۽ ڪريمون به استعمال ڪري رهيو آهي. اطلاعات و??ري وفاقي وزير چيو ته پنهنجي اوقات موجب بندو ڳالهه ڪندي سٺو لڳي ٿو، منهنجو ووٽ بئنڪ عمران خان جي ڪري آهي.