اسلام آباد – 23 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي و??ير ??خد??م شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام جي لاءِ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائون??ل جي لاڳاپيل قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي خواهشن موجب ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار جي پرامن ۽ منصفاڻي حل جو خواهشمند آ??ي. اها ڳالهه هن او آءِ سي پرڏيهي و??يرن واري ڪائون??ل جي 48 هين اجلاس جي موقعي تي ٿائيلينڊ جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي و??ير ڊون پرامودونائي سان ملاقات دوران چئي. پرڏيهي و??ير چيو ته پاڪستان ٿائي لينڊ سان ٻطرفن لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏي ٿو. پرڏيهي و??ير سياحت جي فروغ لاءِ ٿائيلينڊ جي و??يع تجربي مان فائدو کڻن جي ارادي جو اظهار ڪيو. گنڌارا تهذيب ۽ ٻڌمت ورثي جو ذڪر ڪندي پرڏيهي و??ير ملڪ ۾ مذهبي سياحت جي فروغ لاءِ پاڪستان جي پاليسي جي مقصدن کان ٿائي لينڊ جي پرڏيهي و??ير کي آگاهه ڪيو. ٻنهي پرڏيهي و??يرن وڌندڙ ٻطرفن لاڳاپن تي اطمينان جو اظهار ڪندي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مضبوط اقتصادي، واپاري، سياسي ۽ ثقافتي تعاون تي ٻڌل وسيع البنياد لاڳاپا قائم ڪرڻ جي عزم جو اطهار ڪيو. افغانستان جي حوالي سان پرڏيهي و??ير چيو ته پاڪستان افغانستان کي معاشي تباهي کان بچائڻ جي لاءِ عالمي کان انساني بنيادن تي افغان عوام جي معاونت جو گهرجائو آهي. ٿائي پرڏيهي و??ير افغانستان ۾ امن قائم ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي مثبت ڪردار کي ساراهيو. پرڏيهي و??ير چيو ته پاڪستان ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام جي لاءِ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائون??ل جي لاڳاپيل قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي خواهشن موجب ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار جي پرامن ۽ منصفاڻي حل جو خواهشمند آ??ي. پاڪستان سمورن پاڙيسري ملڪن سان خوشگوار لاڳاپن جو خواهشمند اهي. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اعليٰ سطح جي باقاعده رابطي جي اهميت کي تسليم ڪندي ٻنهي پرڏيهي و??يرن ويجهي رابطي ۾ رهڻ تي اتفاق ڪيو.