اسلام آباد – 04 – اپريل (اي پي پي) پا??ستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شفقت محمود چيو آهي ته اسپيڪر جي رولنگ عدالت ۾ چئلينج نٿي ٿي سگهي، اهڙن خيالن جو اظهار هن سپريم ڪورٽ ٻاهران ميڊيا ??ان ڳالهائيندي ڪيو، شفقت محمود چيو ته عدم اعتماد تي ووٽنگ نه ٿيڻ ۽ ڊپٽي ا??پيڪر جي رولنگ جي معاملي تي ڪيس عدالت ۾ ٻڌڻي هيٺ آهي، جيڪا رولنگ اسپيڪر ??ني اها عدالت ۾ چئلينج نٿي ٿي سگهي، هن چيو ته پا??ستان جي خلاف تمام وڏي سازش ٿي آهي، شفقت محمود چيو ته تعليم واري وزارت مون کي گهڻو ڪجهه ڏنو آهي، هڪجهڙي تعليمي نصاب جي حوالي سان تمام گهڻو ڪم ڪيو آهي، ڪورونا وائرس جي وبا دوران ٿوري پريشاني هئي پر ان کي به ختم ڪيو ويو، مدرسن ۽ اسڪولن جا ٻار هڪ ئي فيلڊ ۾ اچي رهيا ??هن، تعليمي ا??ارن جي ٻارن کي چوندس ته هو پڙهائي تي ڌيان ڏين.