اسلام آباد – 25 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته حڪومت سڀني اتحادين س??ن گڏجي عوام جي ڀلائي لاءِ ايجنڊا کي پڄاڻي تائين پهچائڻ لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪري رهي آهي، وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن بلوچستان نيشنل پارٽي جي سينئر اڳواڻن جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو. جنهن س??ڻس ملاقات ڪئي. وفد ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي وا??و وزير آغا حسن بلوچ، توانائي وارو مملڪتي وزير محمد هاشم ??وت??ئي، سينيٽر محمد قاسم رانجو ۽ بي اين پي جو جنرل سيڪريٽري جهانزيب حسين شامل آهن. ملاقات ۾ مجموعي سياسي صورتحال ت?? خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. بي اين پي جي وفد پاران حڪومتي پاليسين جي مڪمل تائيد جو اظهار ڪيو ويو. ملاقات ۾ وزيراعظم چيو ته حڪومت سڀني اتحادي سان گڏجي عوام جي ڀلائي جي ايجنڊا کي پڄاڻي لاءِ رات ڏينهن محنت ڪري رهي آهي.