گوادر – 03 – جون (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف گو??در ۾ هر گهر کي پيئڻ جو صاف پاڻي مهيا ڪرڻ ۽ سولر پينلز جي ذريعي بجلي جي فراهمي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي آهي. هن چيني سيڙپڪارن ک?? هر ممڪن تعاون جي خاطير ڪرائيندي منصوبابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال کي جامع ڳالهيون ڪرڻ ۽ سمورن مسئلن جي حل لاءِ واضح روڊ ميپ تيار ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. هن اه?? هدايتون چيني ڪمپنين جي وفد سان ملاقات دوران ڏنيون. وزيراعظم انهن ک?? گو??در شهر ۾ ڊي سيلينيشن پلانٽ لڳائي هر گهر کي پيئڻ جو صاف پاڻي مهيا ڪرڻ ۽ سولر پينلز جو استعمال ڪري بجلي جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي. هن گو??در ايئرپورٽ کي جلد کان جلد مڪمل ڪرڻ ۽ گو??در پورٽ کي دنيا جي مصروف ترين ۽ منافعو ڏيندڙ بندرگاهه بڻائڻ تي پڻ زور ڏنو. وزيراعظم ان مقصد جي لاءِ چيني سيڙپڪارن ک?? هر ممڪن تعاون جي خاطري ڪرائي. هن منصوبابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير احسن اقبال کي ان سلسلي ۾ چيني سيڙپڪارن سان جامع ڳالهيون ڪرڻ ۽ سمورن مسئلن جي حل لاءِ واضح روڊ ميپ تيار ڪرڻ جي هدايت پڻ ڪئي. ملاقات ۾ منصوبابندي ۽ ترقي وارو وفاقي وزير احسن اقبال، منشيات جي خاتمي وارو وفاقي وزير نوابزاده شاهه زين بگٽي، خاص معاونين طارق فاطمي ۽ فهد حسين کانسواءِ ٻيون اه?? سياسي شخصيتون پڻ موجود هيون.