نيويارڪ – 23 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف جي آمريڪي صدر جو بائيڊن سان ??ندس پاران ??المي اڳواڻن جي اعزاز ۾ ڏنل آجياڻي جي موق??ي تي مختصر ڳالهه ٻولهه ٿي، آمريڪي صدر پاران ??هو آجياڻو گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 77 هين اجلاس جي موق??ي تي ڏنو ويو. پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر بعد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته وزيراعظم شهباز شريف ۽ آمريڪي صدر جو بائيڊن جي وچ ۾ ٿيندڙ مختصر ڳالهه ٻولهه مثبت ۽ تعميري هئي. مملڪتي وزير چيو ته پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ لاڳاپا ٺوس بنيادن تي قائم رهيا آهن. هن چيو ته عالمي اڳواڻن پاڪستان ۾ ٻوڏ سبب ٿيندڙ تباهي تي همدردي ۽ خيرسگالي جي جذبن جو اظهار ڪيو ۽ هاڻي ان ??ذبي کي ٺوس قدمن ۾ تبديل ٿيڻ گهرجي ته جيئن پاڪستان ٻوڏ سان وڏي پئماني تي ٿيندڙ تباهي کانپوءِ بحالي ۽ بهتر تعمير طرف وڃي سگهي. حنا رباني کر چيو ته اسان موسمياتي ت??ديلين جي نتيجي ۾ غيرمعمولي برساتن ۽ ٻوڏ سان نقصانن بابت عالمي برادري کي ڀرپور طريقي سان ??گاهه ڪيو آهي.