نيويارڪ – 21 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته دنيا کي جمهوريت جي مضبوطي، پولرائيزيشن جي خلاف ج??گ، سماجي اڻبرابري جي خاتمي ۽ مظلوم ماڻهن کي انهن جو حق ڏيڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي. هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته اڄ دنيا امن جو عالمي ڏينهن ملهائي رهي آهي، اسان کي اهو ياد رکڻ گهر??ي ته پائيدار امن جو قيام مثالي آهي جڏهن ته بنياد کي ٺيڪ ڪ??ڻ کانسواءِ پائيدار امن خواب ئي رهندو.