اسلام آباد – 22 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته شهيد قوم ج?? اثاثو آهن، وط?? جي لاءِ انه?? جي خدمتن ۽ قربانين تي انهن کي خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظها?? هن 19 سيپٽمبر تي اتر وزيرستان ۾ شهيد ٿيندڙ سپاهي نذر محمد جي ڀاءُ سان ٽيليفون تي ڳالهائيندي ڪيو. صدر شهيد جي ڀاءُ سان تعزيت جو اظهار ۽ خاندان سان همدرديءَ جو اظهار ڪيو. ڊاڪٽر عارف علوي شهيد جي بلند جي درجن ۽ گهروار?? جي لاءِ صبر ۽ جميل جي دعا به ڪئي. صدر چيو ته ملڪ جي حفاظت جي لاءِ جا?? جي قرباني پيش ڪندڙ شهيدن کي سلام پيش ڪريون ٿا.