اسلام آباد – 12 – ڊسمبر (اي پ?? پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ??من ۾ شهري آبادي تي افغان بارڊر فورسز پاران اشتعال انگيز فائرنگ جي واقعي جي سخت مذمت ڪندي مستقبل ۾ اهڙن واقعن کي روڪڻ جي ضرور?? تي زور ڏنو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي اميد ظاهر ڪئي ته واقعي ۾ ملوث ماڻهن جي خلاف افغان حڪومت پاران سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. هن چيو ته سرحد جي ٻنهي طرفن شهري آبادي جو تحفظ ڪرڻ ٻنهي ملڪن جي ذ??يواري آهي. صدر واقعي ۾ مارجي ويلن جي لاءِ افسوس جو اظهار ??يو. صدر زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي ۽ پونئيرن سان همدرديءَ جو اظهار ??يو.