اسلام آباد – 19– ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف توانائي جي شعبي ۾ گر??شي قرضن کي گهٽ ڪرڻ، سڌارن جو عمل مڪمل ٿيڻ ۽ بجلي ۽ گئس صارفين تي اضافي بار نه وجهڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته موثر حڪمت عملي سان ان مسئلي تي ضابطو آندو ويندو، توانائي بچت پلان اڄ اڱاري ڏينهن وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ پيش ڪيو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن توانائي جي شعبي جي حوالي سان اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ بجلي ۽ گئس جي شعبن ۾ موجود گر??شي قرضن تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ ٺوس حڪمت عملي جوڙڻ جي حوالي سان غور ڪيو ويو. وزيراعظم اجلاس دوران لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته توانائي جي شعبي ۾ موجود گر??شي قرضن کي گهٽ ڪيو وڃي. هن چيو ته مسلم ليگ (ن) جي حڪومت ب??تر پاليسي جي ذريعي 2013ع کان 2018ع ۾ پنهنجي حڪومت جي دور دوران گر??شي قرضن کي مڪمل ختم ڪرڻ جو عملي ثبوت ڏئي چڪي آهي. وزيراعظم ان عزم جو اظهار ڪيو ته مسلسل محنت ۽ موثر حڪمت عملي سان اڃا به ان مسئلي تي ٻيهر ضابطو آڻي وٺنداسين. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته توانائي جي شعبي ۾ سڌارن جو عمل اهڙي طرح مڪمل ڪيو وڃي ته گر??شي قرض ترتيبوار گهٽ ٿي آخرڪار ختم ٿي وڃي. هن چيو ته سوئي گئس جي ورڇ ڪندڙ ڪمپنيون بلن جي ر??ڪوري جي نظام کي فوري طور تي ب??تر ڪن. هن هدايت ڪئي ته بجلي ۽ گئس جي صارفين تي ڪو اضافو بار نه وڌو وڃي. وزيراعظم بجلي ۽ گئس جي بلن جي وصولي جي نظام کي به وڌيڪ موثر بڻائڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته توانائي جي شعبي جي اوڳاڙين ۾ اضافي کي يقيني بڻائڻ لاءِ سمورا ممڪن قدم کنيا وڃن، ان مقصد جي لاءِ پهچ جي نظام کي ب??تر بڻايو وڃي ته جيئن بجلي ۽ گئس جي چوري ۽ زيان کي ر??ڪي سگهجي. اجلاس ۾ توانائي بچت پلان جو پڻ جائزو ورتو ويو. اهو پلان اڄ اڱاري ڏينهن وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ پيش ڪيو ويندو جنهن ۾ صوبائي وڏن وزيرن کي پڻ گهرايو ويو آهي.